ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان جي پيپلز ڪالوني ۾ ٽن مهينن کان واٽر سپلاءِ پاڻي نه ملڻ خلاف رهواسين جو سجاول روڊ تي علائقي جي ڪائونسلر جاويد ڪنڀار، رشيد هاليپوٽو، فياض ڀٽي، غلام مصطفى سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ان ڏموقعي تي اڳواڻن چيو ته ٽن مهينن کان وٺي علائقي ۾ واٽر سپلاءِ پاڻي نه اچي رهيو آهي جنهن ڪري سخت مشڪلات کي منهن ڏئي رهيا آهيون هنن چيو آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي روزانو ڪوڙا آسرا ڏئي اسان کي رلايو پيو وڃي ، هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ايڪسئين پبلڪ هيلٿ محمد انور ، اسسٽنٽ مختيار ڪار توقير قاضي ۽ ٻِين پهچي مظاهرين کي يقين ڏياريو ته 36 ڪلاڪن اندر واٽر سپلاءِ پاڻي پهچي ويندو، جنهن لاءِ واٽر سپلاءِ واري لائينن وارو ڪم هلندڙ آهي جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…