تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ انگ 21 ٿي ويو

ٽنڊو محمدخان (ن پ ا) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ انگ 21 ٿي ويو، ميهڙ تعلقي ۾ به تبليغي جماعت جي 6 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ تي کين آئيسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي ايڇ او ٽنڊو محمد خان ڊاڪٽر يوسف جهيجو جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ شهر ۾ مريضن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو. ڊاڪٽر يوسف جهيجو موجب ڪورونا متاثرن ۾ڊسٽرڪٽ اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس ۽ اڳوڻي ڊي ايڇ او جي پُٽ ۾ به ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. ڊي ايڇ او موجب ٻنهي متاثر مريضن کي سول اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو ، جتي ڪورونا مريضن جو انگ 21 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ميهڙ تعلقي ۾تبليغي جماعت جي 6 ڄڻن ۾ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ شهر جا مک لنگهه بند ڪيا ويا آهن. ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر زاهد ڏاوڇ جو چوڻ آهي ته فريد آباد ۽ راڌڻ جي مختلف مسجدن ۾ ترسيل 6 تبليغين ۾ ڪورونا وائرس تصديق ٿي آهي. ڊاڪٽر زاهد ڏاوڇ موجب متاثر مريضن کي دادو اسپتال منتقل ڪري کين آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊي ايڇ او موجب ميهڙ تعلقي جي مختلف شهرن ۾ ترسيل تبليغ جماعت جي 97 ڄڻن کي صحتياب قرار ڏئي کين بسن ذريعي خيبرپختونخوا روانو ڪيو ويو آهي. ميهڙ تعلقي ۾ تبليغي جماعت جي 6 ڄڻن ۾ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ پوليس شهر مک روڊ رستا بند ڪري رڪاوٽون وجهي ڇڏيون آهن..

Bookmark the permalink.