
ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ڪرونا وائرس جي ٻن مريضن جي تصديق ٿيڻ بعد انتظاميـا حرڪت ۾ اچي وئي ۽ هڪ اسڪول کي قرنطينـه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شهر ۾ ڪرونا وائرس جي ٻن مريضن جي تصديق ٿيڻ تي پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميـ او ليوي اسڪول ۾ 150بسترن تي مشتمل قرنطينـ سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙ 116 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پاڪ فوج جي ڪرنل شفاعت محمود، ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي، ايس ايس پي عابد بلوچ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد يوسف جهيجو ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم قرنطينـ قرار اسڪول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ضلعي عملدارن ۽ پاڪ فوج جي ڪرنل قرنطينـ سينٽر ۾ موجود تبليغي جماعت جي ماڻهن کي احتياطي تدبيرن حوالي سان ماڻهن کي معلومات ڏني. اهڙي طرح قرنطينـ سينٽر ۾ موجود هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي سيلاني ويلفيئر پاران کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايس ايس پي عابد بلوچ تفصيل ڏيندي ٻڌايو تـ قرنطينـ سينٽر ۾ 150 کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جي شڪي ماڻهن جو بندوبست ڪيو ويوآهي.