تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

پئٽرول بحران جو ذميوار ڪير؟ جاچ ڪميٽي وزيراعظم آڏو رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

اسلام  آباد ( بيورو رپورٽ) پئٽرول بحران جو ذميوار ڪير؟ جاچ ڪميٽي وزيراعظم عمران خان آڏو رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ذريعن موجب رپورٽ ۾ نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز کي بحران جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته پئٽرول پمپس کي ڄاڻي واڻي تيل جي فراهمي بند ڪئي وئي، پئٽروليم وزارت ۽ ڊي جي آئل به تيل جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو. ذريعن موجب رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بحران جي وقت آئل ڪمپنيز وٽ پئٽرول موجود هو، حڪومتي ادارن ڪمپنيز جي تيل ذخيرن بابت جاچ نه ڪئي، جاچ ڪميٽي طرفان تيل بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي به سفارش ڪئي.

Bookmark the permalink.