تازا ترين
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

پاڪستان اسٽيل ملز مان ساڍا 4 هزار ملازمن جِي جبري برطرفين خلاف ملازمن جو صبح کان ملير ۾ بن قاسم ريلوي ٽريڪ تي لڳل ڌرڻو ختم

اڄ برطرف ملازمن جَي وفد سان ملاقات ڪري حڪمت عملي جوڙي ويندي:سعيد غني

ملير ( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽيل ملز مان ساڍا 4 هزار ملازمن جِي جبري برطرفين خلاف ملازمن جو صبح کان ملير ۾ بن قاسم ريلوي ٽريڪ تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ڪراچي ۾ ڪينٽ اسٽيشن سميت مختلف ريلوي اسٽيشنز تي بيٺل ڪيتريون ئي ٽرينون منزل طرف روانيون ڪيون ويون، ڊي سي ملير جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ بعد صوبائي سرڪار جو ملز ملازمن سان رابطو، صوبائي وزير سعيد غني ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته ملازم اڳواڻن سان رابطو ڪري کين هزارين مسافرن جِي پريشاني کان آگاهه ڪيو، منهنجِي درخواست تي مظاهرين ريلوي ٽريڪ تي احتجاج ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اڄ اسٽيل ملز جَي برطرف ملازمن جَي وفد سان ملاقات ڪري حڪمت عملي جوڙي ويندي.

Bookmark the permalink.