تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

پنهنجن جون ڄٺيون

خدا بڻجي ويل ڪامورا ۽ مظلوم عوام!‎

جيئن پاڻي سميت سج جي روشني به وڻن لاءِ ضروري آھي اھڙي ريت انسان کي به کاڌ ۽ خوراڪ کان سواءِ معاشري ۾ زندہ رھڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي پوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن پنھنجا حق وٺڻ لاءِ ڪنھن کان مدد به وٺڻي پوندي آھي. بيورو ڪريسي ڪنھن به رياست جو نظام ھلائڻ لاءِ اھم حيثيت رکي ٿي، بيوروڪريٽ عوام جي ڏنل ٽئڪس جي رقم مان پگھار کڻي عوام جي خدمت مقرر ڪيا وڃن ٿا، اھي عوامي خادم بڻجي رھڻ بدران عوام جا حاڪم بڻجي پوندا آھن. انساني فطرت موجب لالچ ۾ اچي آفيسن ۾ ويھي جائز ڪمن تي رشوت وٺڻ وارن ڪامورن کي پنھنجا ناجائز خرچ ۽ عياشين لاءِ ڪنھن غريب کان رشوت وٺڻ ۾ ڪو به عار محسوس ناهي ٿيندو. اسان جي سماج ۾ اڪثر اھڙا بي ضمير ڪامورا موجود آھن پر اسان انھن کي سائين جي لقب سان سڏيندا آھيون، اھي ھن لفظ جي لڄ رکي نه سگھندا آھن، تعذيرات پاڪستان جي سيڪشن 21 موجب اھي ڪامورا عوامي خادم آھن پر اسان ۾ شعور نه ھئڻ سبب انهن کي عوام جا سرپرست چئي ھنن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا آھيون، اھو ئي سبب آھي جو اڄ جو ڊي سي، اي سي، مختيارڪار اسان لاءِ خدا بڻيل آھن ۽ اسان جي مدد کان صاف انڪار ڪري ڇڏين ٿا، جيستائين کين ڪنھن وڏي پھچ رکندڙ کان فون نٿي ڪرائجي تيستائين اھي جائز ڪم لاءِ به تيار ناهن ھوندا. ايتري استحصال باوجود جيڪڏھن اسان جي قوم خاموش آھي ته ان جو سبب صاف آھي ته اسان ھن دستور جا عادي ٿي ويا آهيون. اسان ھاڻي اھا ستل قوم آھيون جنهن ڪنھن وقت پنهنجو پاڻ انگريزن حوالي ڪيو هو ۽ اڄ اسان انھن ڪارن انگريز آفيسرن جا غلام آھيون. اسان کي ھن غلاميءَ مان آزادي لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو، انھن کي سائين سائين ڪري اسان پنھنجي ايندڙ نسل سان ظلم پيا ڪريون، منھنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آھي ته ڪامورن جي سرڪاري گاڏين تي گورنمنٽ ملازم لکڻ بدران عوام جو خادم لکيو وڃي، جيئن انھن کي اھا ڳالھ ھر وقت ياد رھي.

صدام حسين ميمڻ/سجاول

اسٽيل ملز جي ملازمن کي فاقاڪشيءَ کان بچايو!

وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ سان واعدو ڪيو هو ته عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو پر ٻن سالن ۾ تبديلي سرڪار نوڪريون ڏيڻ بجاءِ روزگار سان لڳل عوام کي بيروزگار ڪري رهي آهي. وزيراعظم هڪ بيان ۾ چيو ته 5 سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريو ڏئي عوام کي روزگار ڏينداسين، ان ئي وزيراعظم تازو 4544 اسٽيل ملز جي ملازمن کي برطرف ڪري نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع ملندي ئي سمورن ملازمن ريلوي ڦاٽڪ تي احتجاج ڪيو، هٽايل ملازمن جو چوڻ هو ته اسان کي بحال ڪري فاقاڪشيءَ کان بچايو وڃي، ملازمن جي تنظيمن طرفان احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، اسٽيڪ گروپ جي اڳواڻ حڪومت جي اهڙي قدم جي سخت مفالفت ڪندي چيو ته ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي سندن معاشي قتل برابر آهي. دنيا جي ملڪن ۾ حڪومتون پنهنجي عوام کي روزگار جا موقعا فراهم ڪنديون آهن پر اسان جي ملڪ ۾ روزگار کسي ماڻهن کي معاشي بدحاليءَ جو شڪار بڻايو پيو وڃي. ڏٺو وڃي ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي. حڪومت جي اهڙن فيصلن سان عوام کي پڪ ٿي وئي آهي ته موجوده حڪومت روزگار ڏيڻ جا جيڪي واعدا ڪيا هئا سي لٻاڙ هئا، انهن واعدن جي ابتڙ يوٽرن وٺندي هزارن جي انگ ۾ ملازمن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي. حڪومت کي انهن ڳالهين جو شايد احساس ئي ناهي ته اهڙن فيصلن سان عوام ۾ ڪيتري بيچيني ۽ بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿيندي. حقيقت اها آهي ته ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ يا ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان آڻڻ سان ڪنهن به ريت معاشي ڏيوالپڻي مان نڪري نٿو سگھجي. پر اهڙن حڪومتي قدمن سان ويتر ڏکيائيون جنم وٺنديون. آخر ۾ حڪمران پنهنجي ساک وڃائي ويهندا. صنعت ۽ پيداوار جي وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ هو ته هر برطرف ملازم کي 23 لک رپيا ڏنا ويندا. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز قومي اثاثو آهي پر ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو اهو ڪرپشن جي ڪهاڻي آهي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز جي هزارين ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، هٽايل ملازمن کي بحال ڪري وڌيڪ فاقاڪشيءَ کان بچايو وڃي.

غلام رحيم جوڻيجو/موکار، مٺي

ھٿونگو ۾ صدين کان آباد ماڻھن کي لڏائڻ جو سلسلو بند ڪيو!

نارا ڪئنال جي اوڀر طرف اڇڙي ٿر جي ڀٽ تي صدين کان آباد هٿونگو شھر جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ هندو سيٺ ججهي تعداد ۾ رهندا هئا جن جي رهائش جون وڏيون ۽ ويڪريون حويليون اڄ به موجود آھن جو ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچو وڃن. ورهاڳي بعد هتي جا هندو پنهنجون اهي شاندار حويليون ۽ ملڪيت ڇڏي کالي هٿين هندستان لڏي ويا، جنھن بعد انهن جي حويلن زمينن ۽ ٻي ملڪيت ان دور جي هتي جي ايوبي سرڪار ٻاهران موڪليل ماڻھن کي ڪليمن جي صورت ۾ ڏئي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هتي جي رهندڙ سنڌين به ڀرپور نموني هجرت ڪري آيل ماڻھن جو آڌرڀاءُ ڪري انهن جي هر قسم جي مالي مدد ڪئي ۽ پوءِ هتي رهائش اختيار ڪرڻ بعد ٻاهران آيل ماڻھن روينيو آفيسرن کي رشوت ڏئي غيرقانوني کڻتون کڻي نه رڳو هٿونگو جي واري جي دڙي تي قبضا ڪيا پر صدين کان هٿونگو جي پسگردائي ۾ رهندڙ ماڻھن کي پنهنجي ٻنين جا مهاڳا ڄاڻائي جعلي کڻتون کڻي هتان جي ماڻھن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪرڻ سميت پوليس جي مدد سان لڏائي انهن جي پلاٽن تي قبضن جو سلسلو شروع ڪيو. ڪجھ ڏينهن اڳ ڏياري جي موقعي تي هٿونگو جي واري جي دڙي تي اڌ صدي کان به وڏي وقت کان رهندڙ ڀيل برادري جي ماڻھن کي ڌمڪيون ڏئي انهن تي پوليس جي مدد سان حملو ڪرائي پنهنجي اباڻن اجهن مان لڏايو ويو، جڏهن ته هٿونگو جي ڀر ۾ سرڪاري واري جي دڙي ڳوٺ سروٽن جي دڙي تان به صدين کان آباد ماڻھن کي ساڳي برادري جي بااثرن پاران لڏائڻ لاءِ ڪيترائي حملا ڪرائڻ سميت ڳوٺاڻن تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا.  تازو ساڳي ڌر جي بااثرن هٿونگو ۾ نالي واري ليکڪ ايوب گل جي گهر تي حملو ڪري ايوب جي گهر جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت دوران ايوب گل جا 2 ويجها عزيز سخت زخمي ٿيا، هلندڙ جهيڙي دوران کپرو پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس متاثرن جي مدد بجاءِ قبضا گروپ جو ساٿ ڏئي متاثر ڌر کي پلاٽ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. اسان جي وس وارن سميت ڊي سي سانگهڙ کي گذارش آھي ته شفاف جاچ ڪرائي ڪوڙا کاتا ٺاهيندڙ روينيو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري مقامي ماڻھن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ذاڪر شر/ کپرو

بنگلديرو جي آبادگارن سان ٿيندڙ تاريخي زيادتيون!

تاريخ شاهد آهي ته بنگلديرو جي ڌرتي صدين کان ذرخيز آهي، جيڪا هر وقت سونا سنگ اپائيندي رهي آهي، بنگلديرو جا سمورا ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ ساريالي فصل جي جهجهي مقدار اپائيندا رهيا آهن، چانورن جي پوکائيءَ جي حوالي سان بنگلديرو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي. هن وقت ساريالي فصل جي لهندي ئي آبادگارن جي منھن تي مرڪون هجن ها پر افسوس جو ڪارخاني مالڪن جي هڪ هٺي ۽ ساريالي فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ تي انهن آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ڪارخانن جي هڪ هٺي جي ڪري آبادگارن جو ٽريڪٽرن جو خرچ، ٻج، ڀاڻ سميت جيڪي به هنن ساريالي فصل جي اپائي تي رقم خرچ ٿي سا به پوري ڪو نٿي ٿئي. جنهن ڪري مايوسين جي ور چڙهيل نظر اچي رهيا آهن، افسوس جي ڳالهه ته ڪارخاني وارا مناسب اگهه نه ڏيڻ باوجود آبادگارن جي ساريالي فصل جي هڪ مڻ تي ڪٿي 1 ڪلو کان 2 ڪلو ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، صدين کان زرعي حوالي سان شاهوڪار بنگلديرو جو هاري، ڪڙمي ساريالي فصل جي مناسب اگهه نه ملڻ سبب بک، بدحالي سميت اڻ ڳڻين مسئلن جو شڪار آهي. جيڪڏهن بنگلديرو جي آبادگار جي هن اڄوڪي حالت کي ڳڻتي جوڳي ۽ رحم جوڳي چئجي ته به غلط نه رهندو، بنگلديرو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سرڪاري اگهن مقرر هجڻ باوجود تر جا ڪارخاني وارا آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن پر ڪوئي انهن جي سار لهڻ وارو نظر نه پيو اچي، جنهن جي ڪري فصل جي سهاري پنهنجي نيڻن ۾ مستقبل جا سونهري خواب ڏسندڙ آبادگار جا سپنن جي ساڀيا ماڻڻ کان اڳ ئي انهن پنهنجي حسين خوابن کي مايوسين جو ڪفن ڏئي دفنائڻ تي مجبور ٿي ويا، وقت جي واڳ ڌڻين کي گهرجي ته بنگلديرو جي آبادگارن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪارخاني وارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري انهن کي ساريالي فصل جي سرڪاري اگهن جو پابند بڻائي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي جيئن بنگلديرو جا اهي مسڪين پورهيت آبادگار پنهنجي فصل تي هميشه جيان منھن تي مرڪون وکيري پنهنجي سپنن جي ساڀيا ڏانهن وکون کڻندا رهن.

سجاد حسين ڀٽو/لاڙڪاڻو

هرڻن جو غير قانون شڪار ۽ خاموش کاتو!

گذريل رات ننگرپارڪر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ شڪارين هرڻن جو شڪار پي ڪيو ۽ ڪجھ ھرڻ ماري چڪا هئا، ايستائين ڳوٺاڻا سجاگ ٿي ويا ۽ واهر ڪري پويان ويا. ايتري دير ۾ ظالمن ڪجھ هرڻن کي ماري کڻي فرار ٿي ويا ۽ جڏهن ته ھڪ ماريل هرڻي انهن کان رهجي وئي، جيڪا ڍڪي هئي ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ ٻچو ڏيڻ واري هئي اها هرڻي ڳوٺاڻا کڻي آيا ۽ ٻئي ڏينهن پوسٽ مارٽم ڪرايائون هرڻي جي پيٽ مان ٻچو پڻ ڪڍيائون جيڪو مُئل هو. اسان جو سماج سدائين اهو ئي افسوس ڪندو رهيو آھي کنوڻيون ٿيون ڪرن يا مڪڙ ٿا اچن. اهي قدرتي آفتون حقيقت ۾ اسان جي غلطين جي ڪري ئي اچن ٿيون. هڪڙو ته اسان سدائين فطرت سان هٿ چراند ڪندا رهندا آھيون، وڻن کي وڍڻ، پکين کي مارڻ، جهنگلي جانورن جو شڪار اهو سڀ اسان ئي ڪندا رهون ٿا، ڀلا ٻڌايو اها اسانجي فطرت سان هٿ چراند ناهي ته ٻيو ڇاھي؟ افسوس اهو آھي ته ظالمن هڪ ته هرڻ جي جان وڃائي ٻيو وري اُن جي وجود ۾ پلجندڙ ٻچو جيڪو ڌرتي تي رونق بڻجڻ لاءِ پي آيو ان کي به هن ڌرتي تي پير رکڻ کان اڳ تڙپائي ماريو ويو. ظالمو ڍڪي هرڻي کي ڊوڙائي ڊوڙائي مارڻ کان پھريان ايترو ته سوچو ها ته ان جي اندر به هڪ وجود آھي جنهن ۾ ساھ آھي، ڇا ته درد آھي ظالمن تڙپائي تڙپائي ٻن وجودن کي بروقت ماري ڇڏيو. ٿرپارڪر ۾ اڪثر سياست جي آڌار تي دوستي ياري ۾ اهي ظلم ٿيندا رهن ٿا، نه ته پوليس عملدار پڇا ڪري پنهنجي ايمانداري سان ڪم ٿا ڪن نه ئي وائيلڊ لائيف کاتي وارا ڌيڻپو ٿا ڏيکاري. هتي رات جي پيٽ ۾ ڪتيرائي هرڻن، مورن ۽ تترن کي کنڀيو وڃي ٿو، هتان جي اتظاميا ڪڏهن به سچائي جو ثبوت ناهي ڏنو نه ئي اهڙن ظالمن جا ڪرتوت عوام اڳيان رکي عوام کي ٻڌايو ته اسان ۽ توهان هڪ ٿي فطرتي حسناڪين جي حفاظت ڪرڻ لاءِ گڏ آهيون. اسان جو خطو قدرتي شين سان مالا مال رهيو آھي، هتي مورن، پاريهرن کي مندرن ۾ داڻو پاڻي ڏنو وڃي ٿو، هتي صحرائن جي جيوت لاءِ پاڻي جا اواڙا به ڀريا وڃن ٿا پر افسوس اهڙن قدرتي حسناڪين کي هتي روز ختم ڪيو وڃي ٿو. هتان جي انتظاميا کي گهرجي هن عبرتناڪ عمل تي سوچي ڪارائتو قدم کڻي ۽ اهڙن ظالمن کي گهڻي کان گهڻي سزا ڏني وڃي.

سنڀو لال جوشي/ ٿرپارڪر

 

سنڌ جي ثقافت جا رنگ!

سنڌ ڌرتي جو صدين کان وٺي تاريخ جي ورقن ۾ تذڪرو ان حوالي سان به رهندو آيو آهي ته هن جي هنج ۾ ماءُ جهڙي پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهه پيو ئي ناهي، نفرت ۽ تعصب کي رد ڪندي محبت جي مام جو جيڪو نعرو سنڌ هڻندي رهي آهي سو هميشه کان وٺي سڀني کان مٿانهون ثابت ڪندو آيو آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان جي سنڌ جي سونهن، سرسبزي، امن پسندي، مهمان نوازي، علم ۽ فضل ۾ ڪماليت، هنر توڙي ديس جي حفاظت جي حوالي سان تاريخ جا دفتر ڀريل آهن، هن ڌرتيءَ جا رهواسي 7 هزار سال اڳ به مهذب ماڻهن جي قطار ۾ شامل هئا، جن وٽ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت موجود هئي. وٽن زندگي گذارڻ جو طور طريقو ۽ واپاري ڏاهپ موجود هئي، هو نه رڳو مالي طور تي مضبوط هئا پر علمي ڏاهپ جا ڏس به وٽن ملن ٿا. سنڌ جا رهواسي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ريتن رسمن ۽ طور طريقن سبب ايترا ته مشهور هئا جو سندن مثال پيش ڪيا ويندا هئا. سنڌ جي ثقافت جا رنگ برنگي نقش ڪجهه سالن کان ظاهر ناهن ٿيا، هي ته جڳ ۾ اسان جي سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو حوالو آهي. جهڙي طرح گلن جو حوالو خوشبو آهي، آسمان چنڊ ۽ تارن کان سواءِ اڌورو لڳندو آهي تهڙي طرح هزارين سالن کان سنڌ جي ثقافت جا رنگ پري کان پڌرا رهيا آهن. “ٽوپي” جنهن کي اسان مٿي جو تاج مڃون ٿا ۽ ڪلهن جو شان “اجرڪ” اسان جي دنيا ۾ سڃاڻپ بڻيا آهن. اسان خوشي ۾ هجون يا غم ۾، مهمانن کي مان ڏيڻو هجي يا عام زندگي ۾ ٽوپي ۽ اجرڪ کان سواءِ اڌورا ۽ اڻپورا لڳندا آهيون، ڇو جو صدين کان جيڪي ڪجهه اسان جي حصي ۾ آيو آهي سو ئي ته اسان جي سڃاڻپ آهي، تنهن کان سواءِ ڀلا ڪيئن ٿا مڪمل ٿي سگهون؟ شال اسان جي ثقافت قائم ۽ دائم رهي، جنهن تي ناز ڪندي اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ته اسان ڪيڏا نه مهذب آهيون.

حسيب ناياب منگي/ شڪارپور

سنڌ منھنجي امان!

سنـڌ جي تاريخ قدامت جي لحاظ کان 5 ھزار سال کان وڌيڪ پراڻـي آھي، سنڌ جا ماڻھو مھمانواز، سھڻا ۽ محبتي رھيا آھن. دنيا ۾ جيڪڏھن امن، پيار ۽ محبت جو پيغام پھتو آھي ته اھو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري جي روپ ۾ پھتو آھي. سنڌ مٿان ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آيا آھن پر دلير ۽ بھادر سنڌي ماڻھن پنھنجي دليري سان منھن ڏئي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آھي. 6 ڊسمبر سڄي دنيا ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي ايڪتا عيد ملھائيندا. “پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” پاران اعلانيل ايڪتا جو ڏينھن ملھائجي رھيو آھي، اھوئي سبب آھي ته جڏھن به ڪا شر انگيز ڌر سنڌ تي بري نظر وجھندي آھي ته سڄي سنڌ مان ان عمل خلاف ردعمل ايندو آھي، پوءِ اھو معاملو سنڌ جي راجڌاني ڪراچي جو ھجي يا نئين صوبي جي راڳ جو ھجي يا وري سنڌ جي ٻيٽن جو معاملو ھجي، سنڌ جا ماڻھو سنڌ جي حوالي سان تمام گھڻو حساس ۽ جذباتي آھن، جنھن جو تجربو انھن شر انگيز ڌرين کي به رھيو آھي. سنڌ جي اھا ثقافتي عيد دنيا ۾ رھندڙ سمورا سنڌي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائيندا آھن، اھو ڏھاڙو ان ڪري ناهي ملهايو ويندو ته اسين ان ڏينھن تي ثقافتي ويس اوڍيون، اجرڪ پايون، ٽوپيون پايون، پنھنجي ثقافت کي جي خوشي به ملهائيندا آھيون پر اصل ۾ اھو ڏينھن ملھائڻ جو حقيقي مقصد اھو ھوندو آھي ته سنڌ دشمن ڌرين کي اھو ٻڌائي سگھجي ته اسين سنڌي متحد آھيون. اسان منجھه ظاھري طور ڀلي ويڇا نظر اچن پر ڳالھ جڏھن سنڌ جي ايندي آھي ته اسين ھڪڙي ئي مالا جا موتي بڻجي ويندا آھيون. انھن ڌرين کـي ان ڏينھن اھو پتو پئجي ويندو آھي ته جيڪا قوم پنھنجي ثقافت سان ان حد تائين محبت ڪري ٿي سا پنھنجي جند جھڙي “سنــڌ” سان ڪيترو پيار ڪري ٿي، اچو ته پاڻ سنڌ جا سنڌي گڏجي 6 ڊسمبر تي ملھائجندڙ سنڌي ثقافتي ايڪتا عيد تي پنھنجي ثقافتي رنگن ۾ رنڱجي سنڌ دشمنن کي اھو پيغام ڏيون ته اسان سنڌي سنڌ تي بري اک وجھندڙن جون کيون ڪڍي ڇڏيندا آهيون.

سنڌ منھنجي امان، سونھن تنھنجي مٿان،

ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان؟

مھاوير ٽيڪواڻي/ مٺي، ٿرپارڪر

ڪراچي سنڌ ۽ سنڌين جي جند آھي!

ھر سال جيان هن سال به سنڌي قوم پنھنجو ايڪتا عيد وارو ڏھاڙو “ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ جند جان آھي” جي سري ھيٺ ملھائڻ لاءِ 6 ڊسمبر 2020ع آچر ڏينهن جي چونڊ ڪئي آهي، جنھن کي ڀرپور نموني سان ملھائڻ لاءِ سنڌي قوم سجاڳ بڻجي اجرڪ ٽوپي پائي سنڌي ھئڻ جو ثبوت پيش ڪندي شھرن، ٻهراڙين واھڻ وستين ۾ سنڌين جا ثقافتي ميلا زور شور سان جاري آهن، مچ ڪچهريون، ڳجھارتون، نڙ بيت ۽ قومي گيت اوطاقن کي ٻيھر آباد ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ثقافتي ڏينھن قديمي دور جي چٽي عڪاسي ڪري رھيا آھن، اسان سنڌي قوم کي گھرجي ته ايڪتا عيد کي ملھائڻ لاءِ وڌ کان وڌ پاڻ ۾ شعور پيدا ڪري ثقافتي اعلانيل ڏينهن تي سڀ سنڌي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ھٿ ھٿ ۾ ملائي انساني زنجير جوڙي ٻڌيءَ ۽ اتحاد جو ثبوت پيش ڪري دنيا کي اھو ياد ڪرايون ته سنڌ امڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ ٻيٽن تي قبضا ھر صورت ۾ سنڌي قوم برداشت نه ڪندي، سنڌ جي داڻي ۽ پاڻيءَ اسان جي هڏن ۾ جيڪو رُڪ ڀريو آهي تن رُڪ کان اهي دشمن آگاهه هوند جيڪي ڪنهن وقت ڪنهن سنڌيءَ جي سامهون آيا هوندا ۽ انهن سان سينهو ساهي نه سگھيا هوندا.

“مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”

غلام نبي منڱريو/ ڪنڊيارو

قديم سنڌ جي عظيم ثقافت!

چوندا آھن ته جيڪي قومون زندهه ڏسڻيون ھونديون آھن ته انھن جي ثقافت مان ئي اندازو لڳايو ويندو آھي، اسان جي سنڌي قوم به ان قول کي برقرار رکندي ھر سال پنھنجي ثقافت سان محبت ۽ پاڻ ۾ ايڪتا طور ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ثقافتي ڏڻ طور ملھائيندا آھيون، ھي ڏھاڙو ايڪتا جي اظھار طور پڻ بنا ڪنھن رنگ نسل يا تنظيم جي سڀئي سنڌي ھئڻ ناتي ڀرپور نموني ملهائيندا آهن، خاص طور تي ھن ڏھاڙي کي ھٿي وٺرائڻ ۾ سنڌي ميڊيا جنھن ۾ اليڪٽرانس توڙي پرنٽ ميڊيا جو وڏو ھٿ آھي، جنھن ڪري ئي سنڌي قوم سندن ان سڏ کي مانائتي موٽ ڏيندي ڳوٺن توڙي شھرن، واھڻ، وستين ۽ جھر جھنگ ۾ ثقافتي جاڳرتا مھم ھڪ مھينو ھڪ اڳ ئي شروع ڪري ڏيندا آھن، جنھن سبب سنڌ جي ماڻھن ۾ قومي شعور پڻ اچي وڃي ٿو. ھن سال به سنڌي ميڊيا پاران جيئن ئي 6 ڊسمبر ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جو اعلان ٿيو آھي ته سنڌي قوم ۾ سرھائي ۽ پرجوش نظر اچي رھي آھي، جنھن سبب روزانون جو بنياد تي مختلف شھر ۽ ڳوٺ ثقافتي رنگن ۾ رنڱجي ويا آھن، جيڪا انتھائي خوشي جي ڳالھ آھي ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن ئي مھينن کان سنڌ سميت سموري دنيا ۾ ڦھليل عالمي وبا سبب ھتان جي عوام سخت پريشانين کي منهن ڏنو آھي، ان جو ھڪ ڪارڻ لاڪڊائون هو جنھن سبب ڏيھاڙي تي ڪم ڪندڙ لکين پورھيت بيروزگار ٿيا، جڏهن ته حد کان وڌندڙ مھانگائي سان گڏوگڏ مالي ڏکيائيون پڻ آھن سنڌ ۾ ڪورونا جي ٻي لھر انتھائي سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪي آھي، جنھن جي روڪٿام لاءِ تعليمي ادارا پڻ ھڪ دفعو ٻيھر بند ڪيا ويا آھن، سنڌ جي سورن سٽيل عوام 6 ڊسمبر تي پنھنجي ثقافت سان محبت جو اظھار ڪرڻ وڃي رھي آھي، جيڪو اسان جو قومي حق به آھي. سو سنڌي قوم کي پنھنجي قومي ورثي سان ڀرپور ڏينھن جون گھڻي کان گھڻيون واڌايون ڏيندي کين اپيل ٿي ڪجي ته ڪورونا ايس اوپيز کي نظر رکي فيس ماسڪ ۽ ٻين انتظامي تدبيرن تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي پنھنجي قومي عيد ۾ شريڪ ٿين.

سيف الله پنھور/کورواهه

ڌرتي ماءُ سان پيار جو ميڙ، جتي پروانا پاڻ پھتا!

ٻه راتيون اڳ ڏھرڪي پريس ڪلب ۾ “پنھنجي اخبار” سٿ جي سڏ تي ڪراچي سنڌ آھي، سنڌ جند آھي ” جي سري ھيٺ سنڌي ثقافت جي روايتي مچ ڪچھري جو انتظام ڪيو ويو، ھن ڪچھري جي ڪاڄ جي ڪوٺ پريس ڪلب جي صدر قاضي اگن شر ۽ ٽائيم نيوز  عيوضي اعظم سھرياڻي ڏني وئي هئي. سو دنيا جھان جي خفن کي خاطر ۾ نه آڻيندي پريس ڪلب ۾ رٿيل مچ ڪچھري ۾ ساس ڏھرڪي جا ساٿي سائين جميل سومرو، فدا ملڪ، غفار سومرو، محمد دين راڄڙي، جي ايم لاڙڪ،  مسافر پتافي ۽ فقير ڌرتيءَ جي عشق ۾ حاضر اچي ٿياسين ته سنڌي ٽوپي اجرڪ سان سھڻا سھڻا چھرا اڀ تي ٽمڪندڙ تارن جيان جرڪندي ڏسي ڏاڍي آسيس ملي. ايڪتا قومي ٻڌيءَ جا خوبصورت منظر ڏسي من جو مندر خوشين سان واسجي ويو. سائين جميل سومرو، محمد دين راڄڙي ۽ پيارو جي ايم لاڙڪ، عامر علي جان ملڪ ۽ ھن ڪاڄ جا ميزبان قاضي اگن شر، اعظم سھرياڻي، شمس ڀٽو، اسد لغاري، استاد ڊيوڊ لطيفي، ڊاڪٽر صدورو ناز ڪيريو، فڪر پليجو جو پوئلڳ پيارو تراب علي شر ۽ ٻيا ڪيترائي دوست ڌرتي جي عشق ۾اسان جي اچڻ کان اڳ ئي ھن قومي ڪاڄ واري محفل کي مچايون ويٺا ھئا. ڪجھ ئي گھڙين ۾ اعظم سھرياڻي اسٽيج تي مائڪ سنڀاليندي خوبصورت شعرن سان مھمانن جي آجيان ڪئي. مھمان کي مان بخشيندي سنڌ جي روايتي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا ويا. ايم پي مير شھريار خان شر پھتو ته محفل ۾ موجود سمورن ميزبانن ۽ مھمانن سندس والهاڻو آڌرڀاءُ ڪيو. مچ ڪچھري ۾ شريڪ ھر دل جي اھا خواھش ھئي ته اسيمبلي جي محاذ تي ڌرتي لاءِ شينھن جيان گجندڙ سنڌ جي سپوت مير شھريار خان شر سان تصوير ڪڍرائي، ان خواھش تحت ڪيترن ئي دوستن ساڻس ڀر ۾ بيھي تصويرون ٺاهيون. پروگرام جي آخر ۾ سريلي فنڪارن اُستاد برڪت علي شر ۽ عمران سارنگ سومرو قومي گيت ڳائي محفل کي گرمايو، ويتر روح گرمائيندڙ قومي گيتن تي جڏھن ڌرتي جي عشق ۽ قومي گيتن جي جوش جاڳائيندڙ ماحول ۾ مون سميت جھمر کان ڪو به پاڻ روڪي نه سگھيو. محفل ۾ موجود سمورن حاضرين تاڙيون وڄائي ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ دل کولي داد پڻ ڏنو.

زاھد علي ڀٽو/ڏهرڪي

 

Bookmark the permalink.