تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

پنهنجن جون چٺيون

اڃا جوان رهن ٿا جوءِ ۾!‎
جتي جهالت جي اوندهه هجي اتي اسان جا ڪامورا ان اونڌاھي جي آڙ ۾ غريب مظلوم عوام جو مال حق وسيلا هڙپي ڇڏين ٿا ۽ انهن مالي وسيلن کي پنهنجي واپار جو ذريعو بڻائي پنهنجي اثاثن ۾ ترقي جا مثال قائم ڪن ٿا ۽ ھي مظلوم عوام ڪجھ اڃا ھجڻ جي انداھي اعتبار ۾ رھي خوش رھي ٿو، ڇو ته ڪامورا پنهنجي پکيڙيل اوندھ کي ختم ڪرڻ ئي نٿا گهرن، متان روشني جي ڪرڻن سان سندن هڙپيل مال ۽ بي ڍنگا ڪرتوت پڌرا نه ٿي پون پر ڪڏھن به لاڳيتو اونڌاھي ناهي رهندي، ڪڏھن پيار جي پرڀات به فٽندي آھي، ڪڏھن سچ جا سج به اڀرندا آھن. گھري ننڍ ستل سٻاجھڙن کي ٻڌائي ٿي ته اوھين لٽجي چڪا آھيو، اوهان جا سڀ حق وسيلا ھڙپيا ويا آھن، انڪري گهري ننڍ مان اٿي پنهنجي حقن جي واھر ڪريو. پرڀات جو فٽڻ نوجوانن لاءِ شعوريت آھي، جيڪي ڪامورن جون گاڏيون حوالو وٺن ٿا، انهن جي 5 سال گمشدگي جو سبب پڇن ٿا، اليڪشن جي مُند اچڻ سان ئي پڇاڳاڇا عروج تي پهچي ٿي، سنڌ جا شعوري نوجوان ڪامورن جو اڳ جهلي سندن 5 سال گمشدگي جو سبب پڇن ٿا، جنهن مان پڪو ۽ پختو ثبوت ملي ٿو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ جذبو ۽ شعور اڃا باقي آھي. ھي عوام اٻوجھ آھي ووٽ جي پرک نٿو رکي. هو ائين ئي ذاتي پات ۽ فرقيواريت جي آڙ ۾ ايري غيري اميدوار کي به بنا سوچ ويچار جي سونپي ٿا ڇڏين. پوءِ ان جي نسبت هن عوام کي جيڪو صلو ملي ٿو ان مان بخوبي واقف آھن. شعوري نوجوان واري واري سان هر هنڌ اوطاقن تي ووٽ لاءِ آيل راھ ويندي ڪامورن کان بي ڌڙڪ سوال ڪن ٿا. انهن وٽ سوال پڇڻ وقت سوشل ميڊيا جو سھارو هوندو آھي جن کي هو هڪ طاقتور هٿيار جيان استعمال ڪن ٿا، ان هٿيار آڏو ست راڄي سردار هجي يا ڪرامتن وارو پير، فقير يا اول درجي جو واپاري سمورن جا عضوا ٽھڪڻ لڳن ٿا. نوجوان فيس بوڪ تي لائيو اچي ڪامورن کان سوال پڇن ٿا ۽ ڪامورا سڌو مناسب جواب ڏيڻ بجاءِ گونگي ٻوليءَ ۾ وفلن ٿا.
نورحسن سبزوئي/ڪنڌڪوٽ 
محبتون وڌايو، نفرتون گھٽايو!
اڄ ڪلھ معاشري ۾ محبتن جي کوٽ ۽ نفرتن جي بازار ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن ڪري معاشري جون حالتون سڌرڻ بجاءِ بگڙي رهيون آهن، معاشري ۾ ھر ماڻهو پاڻ سان گڏ جڙيل مائٽن سان محبت ڪندا آهن ۽ محبتن کي وڌائڻ چاهيندا آهن پر هي اھڙو ڪهڙو ڪم آهي جنهن سان محبتون وڌن ۽ نفرتون گھٽجن ٿيون، محبتن کي وڌائڻ ۽ نفرتن کي گھٽائڻ ڪو وڏو ڏکيو ناهي، بس ٿوري ڪوشش ۽ پنهنجي انداز ۾ ڪجهه تبديلي ڪرڻي آهي. معاشري ۾ محبتن ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته تعريف جي مقدار ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن معاشري ۾ نفرتن کي وڌائڻو آهي ته ڄاڻي واڻي بي سبب تنقيد وڌائي ڇڏيو، پاڻ ئي نفرتون وڌنديون پر معاشري ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي ته اسان سادا ماڻهو سامهون واري تي تنقيد ڪرڻ ۾ سخاوت ۽ ٻئي ڪنهن جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪنجوسي ڪندا آهيون، جنهن ڪري رشتن ۾ ڏار پيدا ٿيندا آهن. رشتن جو مثال انهن نرم گلن ۽ ٻوٽن جيان آهي جھڙي طرح ڪجھ گل خوشبودار ۽ ڪجھ گل بي خوشبو ھوندا آهن. بلڪل اھڙي ريت اسان جي زندگي جي باغ ۾ انسانن جي شڪل ۾ پيدا ٿيندڙ گل ڪجهه نرم مزاج، ڪجهه سخت مزاج، ڪجھ ڪاوڙ وارا ته ڪجھ وري ھر ڳالهه تي بحث ڪرڻ وارا ھوندا آهن. جيڪڏهن انهن رشتي جي خوشبودار گلن کي خلوص ۽ ھمدردي جو ٻج ڏئي ڌيان ۽ تعريف جو پاڻي ملندو رهي ته ھي رشتا ھميشه خوشي جيان تروتازه رھندا. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گل ته سهڻا ھوندا آهن پر انهن ۾ خوشبو جو نه ھجڻ به پريشاني جو سبب بڻجندو آهي، پر اھا پريشاني وقتي هوندي آهي، ڇو ته اسان پاڻ پنهنجي رشتن کي ڏکيو ڪري ويٺا آهيون، ڳالهه ڳالهه تي مائٽن سان ڪاوڙ وارو لھجو استعمال ڪرڻ سان رشتا جڙڻ بجاءِ ڊھڻ شروع ٿي ويندا آهن. پنهنجي رشتيدارن سان پيار محبت سان گذارڻ گھرجي، پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي لمحا نفرتن ۽ اختلافن ۾ گذارڻ کان بھتر آهي ته مخلوق سان محبتون قائم ڪيو، ٻين کي خوش ڪرڻ سان انسان جي پنهنجي زندگي خوشين مان گذرندي آهي.
مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ
هرطرف ڊراما ئي ڊراما، عوام ڪاڏي وڃي؟
دنيا ۾ ڊراما انڊسٽري تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ سينيما، ٽي وي، اسٽيج تي جيڪي ڊراما پيش ٿيندا آهن اهي هر هڪ ملڪ جي معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ هونئن به دنيا جي ڏاهي وليم شيڪسپيئر چيو آھي ته دنيا هڪ اسٽيج آھي، اسان سڀ اداڪار آھيون ۽ هرڪو پنهنجو ڪردار نڀائي هليو ٿو وڃي پر جڏهن اهي ڊراما پنهنجي قومن، پنهنجي پوئلگن سان مذاق، دوکيبازي ڪرڻ لاءِ ڪيا وڃن ته انهن ڊرامن ۽ اداڪارن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آھي، جيئن اڄڪلھ سياست ۾ ڊراميبازي هلي پئي. ايئن مختلف ادارن ۾ پڻ اهڙي ڊراميبازي، دوکيبازي عام ٿي وئي آھي. ڪجھ ڏينهن اڳ ن ليگ اڳواڻ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر تي ايف آئي آر ڪٽي کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن بعد پوليس ۽ سياسي پارٽين ۾ ڊراميبازي شروع ٿي وئي، ڪنهن چيو اهو سڄو ڊرامو وفاق طرفان ڪيو ويو آھي، ڪنهن چيو ته اهو ڊرامو سنڌ حڪومت جو آھي ته وري ڪنهن چيو ته اهو پي ڊي ايم وارن جو ڊرامو آھي. مطلب جيترا وات اوتريون ڳالهيون. وري رات جو خبر پئي ته آءِ جي سنڌ سميت اي ڊي آءِ جي، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ايس ايڇ اوز سڀني احتجاج ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ، اي آءِ جي کي صبح سويل اغوا ڪري ڪيپٽن صفدر تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، انڪري ان حالت ۾ اسان هاڻي پوليس جي ڊيوٽي نٿا ڪري سگهون. ان لاءِ سڀ موڪل تي ٿا وڃون. وري بلاول ڀٽو آرمي چيف کي مداخلت جي اپيل ڪئي ۽ آرمي چيف نوٽيس وٺي ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي رپورٽ ڏيڻ جو چيو ۽ بلاول ڀٽو آءِ جي سنڌ سان فون تي پڻ ڳالهايو، ان کان پوءِ بلاول ڀٽو، وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه سان گڏ آءِ جي سنڌ جي گهر ۽ آفيس ۾ پهچي کيس موڪل جي درخواست واپس وٺي ڊيوٽي جاري رکڻ جو چيو، جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ پنهنجو فيصلو ڏهن ڏينهن تائين ملتوي ڪيو. اصل ڊرامو ڪنهن ڪيو ۽ اڃا ان جاچ ڪاميٽي ڪو به فيصلو نه ٻڌايو آھي. هاڻي ته هرهڪ سياسي، سماجي، قومپرست، مذھبي تنظيمن تي پڻ شڪ ٿو ٿئي ته اهي رڳو ڊراميبازي ڪري عوام کي بيوقوف پيا بڻائين. سو آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ بس رب پاڪ کان دعا ڪري سگهجي ٿي ته اسان جي عوام لاءِ اهڙا ڪي سچا، ايماندار، عوام دوست ماڻھو موڪلين جيڪي ڊراميباز نه هجن.
محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر
کپرو جي قلم ڌڻين کي پريس ڪلب جي عمارت ڏيو!
جيئن ته اڪثر سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ شروع کان ئي صحافين لاءِ سرڪاري طور تي پريس ڪلبن جون عمارتون ڏنيون ويون آهن، جيڪو پڻ سٺو عمل آھي پر پکيڙ جي حساب سا ايشيا جي وڏي ۾ وڏو تعلقو ليکيو ويندڙ کپرو شھر ۾ بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سرڪاري توڙي لوڪل گورنمينٽ پاران صحافتي سرگرمين لاءِ نه ته ڪا پريس ڪلب جي عمارت ڏني وئي آھي ۽ نه ئي وري ميونسپل ڪاميٽي ۾ سالياني بجيٽ ۾ صحافين لاءِ به ڪو فنڊ وغيرھ رکيو ويندو آھي. جيڪا پڻ کپرو جي قلم ڌڻين سان وڏي ناانصافي چئبي. پر ڪافي وقت اڳ ان وقت جي ڊي سي سانگهڙ کپرو جي سانگهڙ روڊ تي قائم ٿيل کنڊ جي گدام ۽ پس گردائي جي پلاٽ کي صحافين جي حوالي ڪيو ويو هو پر بعد ۾ پريس ڪلب جي عمارت زبون ٿيڻ بعد پريس ڪلب جي پسگردائي جي پلاٽ تي پڻ شھر جي مافيائن قبضا ڪري جعلي ڪاغذ ٺھرائي پلاٽ پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته وڏي ٽائيم کان پريس ڪلب جي عمارت نه هجڻ سبب کپرو جا صحافي پنهنجون صحافتي ذميواريون مجبورن هوٽلن يا ٻين هنڌن تي ويهي نڀائيندا ٿا رهن، جڏهن ته عام طور تي پريس ڪلب صحافين جا مورچا ليکيا ويندا آھن جتي عام ماڻھو جيڪي سماج ۾ پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين ظلم جبر ۽ ڏاڍ خلاف پريس ڪلبن اڳيان گڏ ٿي ان اميد سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا آھن ته سندن جي آواز کي واڳ ڌڻين تائين پهچايو ويندو ۽ کين انصاف پلئه پوندو. منهنجي وس وارن کي گذارش آھي ته کپرو ۾ صحافي برادري کي پريس ڪلب جي عمارت ڏئي انهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجو صحافتي ذميواريون بهتر نموني نڀائي سگهن۔
ذاڪر شر/ کپرو
خان صاحب ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڪيڏانھن ويون؟
گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان وٺي ھر سياسي پارٽي پنھنجي اقتداري دور ۾ ملڪ مان بک ۽ بيروزگاري گھٽائڻ جون دعوائون ڪندي پئي اچي، عوام کي اھي دعوائون ٻڌندي ٻڌندي ورھيه گذري ويا آھن پر ملڪ مان نه غربت جو خاتمو آيو آھي نه ئي بيروزگاري جي وڌندڙ شرح گھٽ ٿي آهي. ماضيءَ کان ھٽي ملڪي موجوده صورتحال تي نظر وجھبي ته خان صاحب جا ڪيل واعدا به اڍائي سال گذرڻ بعد به پورا نٿي سگھيا آھن. خان صاحب اقتداري ڪرسيءَ تي ويھڻ کان اڳ ۽ پوءِ پنھنجي پارٽي منشور عوام آڏو پيش ڪري چڪو آھي. جنھن ۾ ٻين ايجنڊائن سان گڏ ھن عوام سان ھڪ ڪروڙ نوڪريون جو واعدو پڻ ڪيو ھو. وقت به وقتن ملڪ ۾ نوڪريون وڪڻڻ جا هوڪا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ جيڪڏهن نوڪري ڏيڻ لاءِ ڪٿي ٽيسٽ ورتي ويندي آهي ته اتي سيٽون 300 هونديون ته ٽيسٽ ڏيندڙ نوجوان هزارن جي تعداد ۾ هوندا آهن، اتي به سنڌ جي نوجوانن سان ساڳيو سلوڪ ٿيندو آهي، جو انهن قابل نوجوانن کي نظرانداز ڪري پئسن تي ڪنهن امير يا وڏيري ۽ سفارش تي ٻين نااهل ۽ اڻ پڙهيل نوجوانن کي نوڪري ڏني ويندي آهي، جنهن ڪري نوجوان ڪافي ٽيسٽون ڏيڻ بعد نظرانداز ٿيڻ سبب انهن جون دليون ڀڄي پونديون آهن. آخرڪار اهي ڪنهن دڪان تي ملازم ٿيڻ يا ريڙهي تي سبزي وڪڻڻ تي مجبور ٿيندا آهن ۽ ڪي وري اهڙي ٻٽي قانون کي برداشت نه ڪرڻ سبب آپگهات ڪري ڏيندا آهن. ڪجھ غريب نوجوان اهڙي معياري قانون ڪري بيروزگاري سبب ذهني توازن وڃائي ويهندا آهن. عام طور اھڙي صورتحال سڄي ملڪ ۾ آھي پر سنڌ ۾ گريجوئيٽ نوجوانن جي بيروزگاري جي شرح ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي. ھاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته خان صاحب جتي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي آڙ ۾ وفاق توڙي صوبائي ادارن جي آفيسرن خلاف ڪارروايون ڪري رھيو آھي، اھو مثبت قدم آھي جنھن سان ادارن ۾ سڌارو ايندو پر ان سان بيروزگاري تي ڪو به اثر نه پوندو. خان صاحب کي ملڪ مان بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِّ اعلانيل ھڪ ڪروڙ نوڪرين جي واعدي کي پاڻي ڏيڻو پوندو، نه ته بيروزگار نوجوانن جي بغاوت تبديلي سرڪار خلاف روڊن تي نڪري تبديلي ضرور آڻيندي.
پيار علي چانڊيو/ گھوگھارو
جنهن جو درد، ان جو ئي درد، باقي سڀ تماشائي!
ملڪ ۾ شفاف چونڊون ميرٽ کي برقرار رکڻ ۽ اسيمبليون ان لاءِ جڙنديون آھن جيئن عوام جي ووٽن تي کٽي ايندڙ حڪمران عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪن ۽ ووٽرن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو مهيا ڪن پر هن ديس ۾ عجيب تماشو آھي، جتي حڪمران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجي پارٽي پاور شو، هڪ ٻئي خلاف بيانبازي ۽ هڪ ٻئي خلاف احتجاجن ۾ پورا آھن پر عوام جي ڏکن ۽ اهنجن جي هنن کي ڪا پرواھ ناهي. هتي هميشه عوام کي بيوقوف بڻايو ويو آھي، ڪڏهن اليڪشن وقت ڪوڙا واعدا ڪري عوام کي جيئي جيئي جي نعرن تي نچايو ويو آھي ته ڪڏهن وري عوام کي پنهنجي مخالف پارٽي کي طاقت جو شو ڏيکارڻ لاءِ روڊن تي آڻي نٽھڻ اس ۾ بکن ۽ اڃن ۾ ماريو ويو آھي. هتي ڪڏهن اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ توڙي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف نالي ماتر ڪميشنون جوڙي عوام کي بيوقوف بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڪراچي ڪاميٽي توڙي ڌرتي جي سونهن ٻيٽن تي قبضن جون ڪوششون ڪري ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دلين تي وار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. هڪ پاسي پ پ پ، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين کي گڏي پي ڊي ايم جي نالي سان اتحاد جوڙيو ٿو وڃي جنهن جي پليٽ فارم تان وفاقي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جلسا ڪيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي وري ملڪ جي وزيراعظم سنڌ حڪومت کي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي پارٽي جي قيادت کي هدايتون ڏئي ٿو ته سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا وڃن. وفاق توڙي صوبائي حڪومتون عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پوريون آھن. “جنهن جو درد، ان جو ئي درد باقي سڀ تماشائي.” وارو قصو آهي، ٿڌين هوائن جي هيراڪن کي ڪهڙي خبر ته بک بدحالي ۽ غربت ڇا آھي؟ غريبن جي ڏکن ۾ ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار ناهي ڄڻ سڀ تماشائي آھن. حڪمرانن کان ته اهو به نٿو پڄي جو کڻي اٽي جي اگھ تي عمل ڪرائين. جتي ڪٿي واپارين جا الڳ الڳ اگھ مقرر آھن پر ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي. اڙي او تخت نشينو! عوام جي ووٽن تي چونڊيل ۽ اسيمبلين ۾ پهتل حڪمرانو! هيءَ طاقت، هيءَ ڪرسي فاني آھي، شاهوڪار ڌرتي جا غريب ماڻھو اوهان حڪمرانن جا هڪ ٻئي خلاف جلسا ۽ ريليون ڏسڻ نٿا چاهين پر اوهان جي اها ڪارگردگي ڏسڻ ٿا چاهين جنهن وسيلي سندن سرعام مالي ۽ معاشي قتلام نه ٿئي ۽ کين گهٽ ۾ گهٽ 2 ويلا سڪون واري ماني ميسر هجي.
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
هالاڻي جي سرڪاري ملڪيتن تان قبضا ڪڏهن ختم ٿيندا؟!
هالاڻي شهر جا اهم مسئلا حل ٿيڻ کان گهڻو پري آهن، مسئلا حل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر هن شهر جي مسافر خانن، پلاٽن، سرڪاري زمينن، ايگريڪلچر آفيس، ايريگيشن جي زمين تي لينڊ مافيا جا ڪيل قبضا ايترا ته مضبوط آهن جو ڪير نه وار ونگو ڪري نه ٿو سگهي هالاڻي جي قديمي سرڪاري لينڊ ڪميشن جي کڏ تي قبضه مافيا روينو عملدارن ۽ حد جي تپيدارن سان ملي ڀڳت ڪري جعلي ڪاغذ ٺھرائي سرڪاري کڏ تي قبضو ڪري پلاٽنگ ڪري ڇڏي، سرڪاري کڏ جيڪا واڻڪي سروي نمبر 319 ۽ 320 آهي پر قبضا مافيا 2008ع ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت وقت ٿيل هنگامن ۾ رڪارڊ سڙي وڃڻ جي آڙ ۾ نوان سروي نمبر 337 ۽ 336 داخل ڪرائي ڇڏيا ۽ ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا. اهڙي قبضي خلاف شهري اتحاد طرفان ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته زرعي آفيس جي اڌ حصي تي پڻ قبضو ڪيو ويو آهي ۽ آفيس تي نه قبضي جا سانڀاها ٿي رهيا آهن پر هن وقت تائين قبضو ختم ٿي نه سگهيو آهي. اهڙي طرح ايريگيشن جي عمارت تي پوليس جو قبضو آهي ۽ زمين تي نه لينڊمافيا جي قبضي ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، هتان جي سياسي، سماجي اڳواڻن اهڙن قبضن خلاف دانهون ڪيون پر سرڪار جي ڪن تي جونءِ به نه سُري، چوڻ وارا چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هالاڻي ۾ ايريگيشن جي خوبصورت بلڊنگ شهر جي سڃاڻپ هوندي هئي، جتي انگريزن دور جا وڏا آفيسر اچي رهندا هئا پر وقت جو اهڙو ته ڦيرو ڦريو جو آهستي آهستي هن شهر جي سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ٿيندا ويا مافيا اهڙو ته ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي. ڊي سي نوشهروفيروز ان معاملي کي مسلسل نظرانداز ڪري رهيو آهي جنهن ڪري ڄاڻايل ڪروڙين رپين جي زمين تي قبضو ڪڏهن ختم ٿيندو، ان لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ٻئي پاسي هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين اهڙن قبضن کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آزاد منظور خاصخيلي/ هالاڻي
آبادگارن جي نقصان جو ازالو ڪريو!
تعلقي سنڌڙي جي يوسي سامارو موري اسماعيل ڪنڀر يوسي سنڌڙي ۽ ٽائون ھنگورنو جي ڪجھ علائقن سميت مختلف يوسين ۾ گذريل برساتن جي ڪري زراعت کي ڪافي نقصان پهتو آهي، ڪپھ جو فصل ڪافي ماڻهن جو برسات جي ڪري ختم ٿي ويو، ان کان سواءِ زمين هاڻي چيٽ جي پوکڻ جهڙي به نه رهي آهي، زميندار به قرضي ٿي ويو ۽ هاري به پر گورنمينٽ طرفان آبادگارن لاءِ ڪنهن به قسم جي پيڪج جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، آبادگارن کي رليف پيڪج ته ٺھيو پر هتان جي آبادگارن جا ٽنڊو الهيار جي زرداري شگر مل ڏانهن جيڪي 2017ع ۽ 2018ع جي بقايا رهيل آهي، ڪمند جي اها به اڃا تائين آبادگارن کي نه ملي سگهي آهي، آبادگارن جا مٿي ته هٿ آهن. آبادگارن سان زراعت کاتي جو ڪو تعاون ناهي، ڪجھ وقت اڳ مڪڙن فصلن تي حملو ڪيو هو، زراعت وارو صوبائي وزير اسماعيل راهو ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاھ جي درخواست تي هتي پهتو، سواءِ آسري جي ڪجھ به ڪري نه سگهيو ان کان پوءِ ٻئي پاسي وري برساتن جيڪا تباهي مچائي، آبادگارن کي شديد نقصان پهتو پر هتان جي چونڊيل نمائندن پاران زراعت جي تباهي بابت ۽ آبادگارن جون جيڪي رهتون آهن زرداري شگر مل ٽنڊوالهيار ڏانهن ان باري ۾ ڪٿي به آواز بلند ناهي ڪيو ويو ۽ نه وري ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي. هتي جي آبادگارن پاران پي ايس 48 جي ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاھ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن آبادگارن کي سال 2017ع ۽ 2018ع جون رهتون ملي سگهن، ان کان سواءِ زمينن ۾ موجود پاڻي به نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.
سميع الله/ميرپورخاص
مديني جي مير جي آمد!‎
ربيع الاول جو بابرڪت مھينو ھلي رھيو آهي، ھن بابرڪت مھيني ۾ اسان جي پاڪ پيغمبر ساقي ڪوثر، ھادي محشر، سرور ڪونين سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفي ﷺ دنيا ۾ پير پاتو. اسان جي مرسل جڏهن عربستان جي تتل صحراحن جي سرزمين تي اکيون کوليون ته ان وقت عربن جي حالت زار رحم جوڳي ھئي، سندن طرز زندگي جانورن کان به بدتر ھئي، ان مھل مالڪ ڪائنات طرفان موڪيل عظيم تحفو ريگستان ۾ ٽڙندڙ گلاب جيان ھو. آمنا جي لعل حضرت عبدالله جو لخت جگر جنھن رات نروار ٿيا ان گھڙي پورو عرب روشن ٿي پيو ھو. مڪي جو ماحول مھڪي پيو ھو. ڪعبي ۾ رکيل پٿر جا بت ڪري پيا ھئا. رب العزت جو عرش روشنين سان ٻري پيو ھو. جنت کي سينگاريو ويو ھو، تڏهن دربان جنت پڇيو ھو ته اڄ ڪو خاص ڏينهن آهي ته ٻڌايو ويو ته جنهن ھستي خاطر ھن ڪائنات کي وجود بخشيو ويو ھو اڄ ان رحمت اللعالمين جي پيدائش ٿي آهي. اسان جي پياري نبي جنهن کي رب پاڪ ڪنهن مھل ياسين ڪري پڪاريو ته ڪنهن مھل مدثر ڪري پڪاريو، ڪنهن مھل مزمل ڪري پڪاريو، ان نبين جي سردار جنهن جو امتي ٿيڻ لاءِ نبين دعائون گھريون آهن. اسان رب پاڪ جو شڪر ادا ڪريون جنهن رب بنا گھرئي اسان کي محمد جو امتي بڻايو. ماءُ پي ھنجھ ۾ اسان کي ڪلمو نصيب ڪيو. ان نسبت سان اسان مٿان فرض آهي ته اسان پنهنجن عملن وسيلي پاڻ کي محمدي ثابت ڪريون. اسان نبي پاڪ جا نائب ۽ رب جا خليفا آهيون. حضور پاڪ جن جي زندگي اسان لاءِ ھڪ بھترين نمونو ۽ روڊ ميپ آهي. پاڪ ڪتاب بھترين رھنما ڪتاب آهي جنهن تي عمل ڪرڻ ٻنهي جھانن جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. اڄ جيڪا تفرق اسان مسلمانن ۾ آهي ان کي بنياد بڻائي اسان جي مقدس ترين ھستي جي شان ۾ گستاخي ڪئي پئي وڃي، افسوس جو پھرين جيڪو ان عمل انفرادي قرار ڏنو ويندو ھو اڄ ان کي سرڪاري سرپرستي ۾ ڪيو پيو وڃي ۽ گستاخي واري جي خلاف بجاءِ قانوني ڪارروائي جي ان کي سرڪاري ايوارڊ ڏنا پيا وڃن. اھي اسان سان ڪڏھن به سچا نه ٿيندا. اسان جي ڪاميابي جو دارومدار حضور پاڪ جن ٻڌايل تعليم تي آهي جنهن کي اپـنائي اسان دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلي سگهون ٿا.
سليم اختر لغاري/ ڌڱاڻو بوزدار 

Bookmark the permalink.