تازا ترين
  • *ميرپورخاص ويجهو نوجوان مبينا طور زال سان ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو *نعيم ٽالپر ڳوٺ ۾ نوجوان بيمو ڪولھي زال سان ڪاوڙجي ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو: پوليس *نوجوان بيمو ڪولھي ڪنري جو رهواسي ھو، سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندو هو: پوليس*
  • *ڪراچي: عوام سان فراڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار حاجي آدم جوکيو خلاف ڪيس *نيب جي جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي *جوابدار خلاف ريفرنس تياري جي مرحلي ۾ آهي، ڪجهه مهلت ڏني وڃي: جاچ آفيسر *عدالت جاچ آفيسر کي مهلت ڏيندي ڪارروائي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي *اسان کي پلاٽ ڏيڻ جو ڏٺو ڏٽو ڏنو ويو،پر 30 سال گذري ويا، پلاٽ نه مليا: متاثر *
  • *ڏهرڪي: ريتي ۾ بدامني خلاف ڪاروبار بند ڪري واپاري روڊن تي نڪري آيا، مين چوڪ تي ڌرڻو *چورين ۽ ڦرن جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس اگهور ننڊ آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري *ايس ايڇ او ريتي کي هٽائي چورن ۽ ڦورن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *دادو: خانگي اسڪولن کي سرڪاري ڪتاب مهيا ڪرڻ جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جو نوٽيس *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين کي ليٽر موڪلي ڇڏيو *4اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪري ميل ۽ فيميل ٽي او خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش*
  • *اينٽي انڪروچمينٽ لاڙڪاڻو جي عدالت باڊھه شھر مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *40ڏينهن اندر قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي: عدالت جو اي سي ڏوڪري کي حڪم *باڊھه جي شھريءَ قبضن خلاف اينٽي انڪروچمينٽ لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي*

پنهنجن جون چٺيون

آخر اسڪول ئي ڇو بند آهن؟

اي تعليم جا وزير ڇا ڪورونا وائرس اسڪولن سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ نٿو اچي سگهي؟ هوٽلون کليل، مارڪيٽون، بازارون، کليل، ٽرانسپورٽ کليل ڇا انهن هنڌن تي عوام ايس او پيز تي عمل ڪري ٿو؟ ذرو به نه، اسڪولن ۾ سڀ ڪجھ وڌيڪ  ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي ٿو، جتي عمل ٿئي پيو اڳ اهو ادارو بند پيو ٿئي آخر ڇو؟ تعليم جا وزير جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پهرين، ٻئين، ٽئين، ڇهين ستين پڙهن پيا انهن جو جيڪڏهن بنياد ائين ئي موڪلن ۾ گذريو ته هو اڳتي وڌي ڪيئن سگهندا، انهن کي اڳتي وڌڻ پڙهڻ، لکڻ ۾ وڏيون ڏکيائيون پيش اينديون، ڇو جو بينادي ڪلاس نه وٺندا ته هو اڳتي وڌي نه سگهندا. جيڪڏهن ڪورونا آهي ته اڳ ۾ اسڪول بند ڪرايا وڃن ٿا آخر اهو ڇو ۽ جن اسڪولن ۾ ڪورونا جو خطرو ڄاڻي انهن کي بند ڪيو ويو اڄ ڪلھ انهن ئي اسڪولن ۾ احساس ڪفالت پروگرام جا پئسا پيا هلن، اسڪول ۾ ته استاد شاگردن کي ايس او پيز تحت ويهاريو وڃي ها پر احساس ڪفالت جي پئسن تي رش ڏسو، ماڻهوءَ ماڻهو سان لڳو پيو آهي، هجوم ئي هجوم آهن، ڇا اتي ڪورونا نٿو اچي؟ خدا جو خوف ڪيو، معصوم ٻارڙن جو مستقبل ڏسو اڳتي هلي اوهان کي بددعائون ڏيندا، انهن جو بنياد پڪو رهيو ته اڳتي نڪري ويندا. جيڪڏهن ڪورونا آهي ته اپاءَ وٺو، سڀ ڪجھ ڪنٽرول ۾ ڪريو، اوهان ته اعلان ڪري ڇڏيو ٿا ته ڪورونا هڪ خطرناڪ وبا آھي، خيال ڪيو، فاصلو رکو، ماسڪ پايو پر اوهان سياسي ليڊر ته جلسن ۾ پارٽي جي اڳواڻن کي کيسي مان ڀاڙو ڏئي هزارن جي انگ ۾ ڪارڪن گهرايو ٿا، اتي اوهان کان ڪورونا وسري وڃي ٿو؟ يا مفاد خاطر غريبن کي استعمال پيا ڪيو؟ اي تعليم جا وزير،  تعليم بچايو، اسڪول کولرايو، ٻارڙا رلي ويندا، بگڙي ويندا، هن وقت انهن غريب والدين کان پڇو، جيڪي مزدوري ڪري به پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ چاهين ٿا.

اي وقت جا بادشاهه، ڪجهه سوچ ڪر،

تعليم ٻارن جي تباھ ٿئي پئي،

ڇو نه توکي سمجھ ويهي پئي،

اسڪول کولرايو تعليم بچايو،

ٻي توکان ناهي ڪئي ڪا گهر،

اي وقت جا بادشاهه ڪجھ سوچ ڪر.

مظفر شبير بوزدار/ بوزدار وڏا

تعليم کاتي جي نااھلي سبب وڌنڌڙ لاشعوري!

تعليم انسان جو بنيادي حق آهي، چوندا آهن ته علم انسان جي ٽين اک آهي جنهن اک سان انسان برو ڀلو، حق ناحق جي پرک ڪندو آهي. اڄ ڪلهه اميرن جا ٻار ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين گاڏين ۾ چڙهي ڪنهن شھر جي وڏي درسگاهه ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا پر غريب جو ٻار انهن اميرن جي ٻار کي ڏسي شرمسار ۽ دل ئي دل ۾ سوچي ٿو ته ڪڏهن آئون به ھٿن ۾ ڪتاب کڻي اسڪول ويندس ۽ ڪڏهن مان به وڏو آفيسر ٿي ملڪ  جي خدمت ڪندس. شايد اھي حسرتون اڄ جي رياست ۾ پوريون ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ ناهن. تعلقي خانڳڙھ  جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ وڌڻ مھر ۾ سرڪار طرفان اسڪول جي ڪروڙين رپين جي عمارت جي تعميرات ته ڪرائي وئي آهي پر ان ۾ استادن جي کوٽ سبب ھزارين ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي. گورنمينٽ مڊل اسڪول وڌڻ مھر ۾ جي ايس ٽي استادن جون 2 پوسٽون ۽ لوئر اسٽاف جون پوسٽون خالي آهن، ھتان جي تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر منظور نائچ سان رابطو به ٿيو جنهن استادن جي مقرري جي يقين ڏياريو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. گورنمينٽ مڊل اسڪول وڌڻ مھر ۾ استادن توڙي اسٽاف جي مقرري لاءِ تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين لاءِ سواليا نشان بڻيل آهي ته ڇا وڌڻ مھر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ٻار پاڪستان جا شھري ناهن، ڇا انهن ٻارڙن کي بنيادي تعليم ڏيڻ جو حق حاصل ناهي. گورنمينٽ مڊل اسڪول وڌڻ مھر ۾ استادن جي کوٽ برقرار ھجڻ سبب ڪيترن ئي ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. تعليم نه پرائڻ سبب ھتي لاشعوريت وڌندي پئي وڃي اڪثر ھتان جا غريب ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پنهنجن ٻچن کي به پاڻ سان مزدوري ڪرائڻ تي مجبور آهن. اسين  تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين سميت وزير تعليم کي اپيل ٿا ڪريون ته گورنمينٽ مڊل اسڪول وڌڻ مھر ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪري ھتان جي رھواسين کي پنهنجو بنيادي حق ڏئي علم جھڙي زيور کان آراستا ڪري شعور جي لاٽ ٻاري وڃي جيئن ھتان جي غريب ماروئڙن جا ٻار ھٿ ۾ قلم کڻي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

بشير رضا مھر/ وڌڻ مھر، گھوٽڪي

ڪاڪي ڪورونا، تنهنجي به ڪا ڪمي رهيل هئي!

اسان جي ملڪي معيشيت اڳ ئي پنگچر لڳي پئي هئي، هتي هر ڪو هڻکڻ ۾ لڳو پيو هو، ڪير به هن قوم، ملڪ جو سڄڻ نظر نٿو اچي، هر نظام درهم برهم لڳو پيو آهي ته مٿان وري ڪاڪي ڪورونا تو به اچي قهر ڪيا. پهرين چين کي چٽ ڪري سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي اچي پاڪستان جو پاسو ورتئي، هاڻ ته مر يا وڃ واپس پنهنجي گھر. اسان غريبن جو صفا ڍينگو ڍيري نه ڪر. هتي حڪمران، ادارا، استاد، شاگرد، ڊاڪٽر ته دعائون پيا گھرن ته شل ڪاڪي ڪورونا اچي. اسين سڪون سان سمهي پگھار کڻون پر توکي خيال رکڻو هو نڀاڳي ڪاڪي ڪورونا! ڊاڪٽر ڊالر پيا ڪمائين، استاد عيش پيا ڪن، سيٺيون پنهنجا ريٽ پيا وڌائين، سياسي ليڊر ته اڳ به سکيا هئا، هاڻ وڃو ته اسين غريب مزدور ڪيڏانهن وڃون؟ جن جي مزدوري بند ٿيل آهي ۽ گھرن کان ٻاهر نڪرڻ نٿا ڏين، جيڪا به اسان غريبن جي نالي امداد آئي اها به سياستدان کائي ويا. ان کان پوءِ سياسي ليڊرن کي تو ته وڌيڪ سهارو ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ چون پيا ته ڪاڪي ڪورونا آهي، هن سال جيڪا به بجيٽ رکي وئي اها ڪورونا تي کپي وئي، هاڻي ڪٿي به ترقياتي ڪم نه ٿيندا. هنن کي بس ڪو بهانو هٿ اچي ۽ پئسو کپي ۽ جيڪا ٻين ملڪن مان امداد آئي اها به کائي ويا. پاڪستان جي بجيٽ ٺهي اها به الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي، هاڻ ڪاڪي ڪورونا تون ئي ٻڌاءِ ته رُليا، ڦُريا ڪير؟ سياستدان، سيٺيون، ڊاڪٽر يا غريب عوام؟ ان ڪري ته توکي هٿ ٿا ٻڌون ته اسان غريبن کان ٽري پاسو ڪر. اسين غريب اڳ ئي دربدر آهيون، اڃا تنهنجو به ڪو پلاند رهيل آهي ڇا؟ ايتري تون ظالم ڇو ٿي آهين؟ ڇا تون به سياسي لٽيرن جي صلاح سان آهين، ڇا تنهنجي سيٺين سان سنگت آهي ۽ ماسترن سان محبت آهي، او ڪاڪي ڪورونا! سرڪاري ملازم ۽ سياسي ليڊر مزن ۾ آهن، ڦريا ته اسين فقير آهيون، اسان جا ٻچا نه اسڪول ٿا وڃن نه سک جو ماني ڳڀو ٿا کائين، نه شيءِ نه ڪا شڪل! انهن جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو، جن والدين وٽ ٻچن کي ڏيڻ لاءِ ماني ناهي اهي ٻار آن لائين ڪيئن پڙهائين؟ وڏن ماڻهن جي ٻارن کي استاد اچي سندن اوطاقن تي پڙهائي ويندا، اسان جي ٻچن تي رحم ڪر! اسان کي اهو به ٻڌاءِ ته تنهنجي عمر ڪيتري آهي ۽ توکي ٽارگيٽ ڪيترو مليو آهي؟!

ايوب راهو/ڊهٻارو، ٿر

استاد ھڪ روحاني والد آهي!

استاد جيڪو معاشري ۾ ڪرنگھي جي ھڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جي تربيت ۽ محنت سان معاشري جا ٻار تعليم حاصل ڪري منزلون ماڻيندا آهن، اھڙن ئي شفيق استادن مان اسان جو استاد سائين محمد رحيم دائود پوٽو به ھڪ آھي، اڄ ھو رٽائر ته ٿي رھيو آھي پر سندن رٽائرمينٽ تي ھر شاگردياڻي ۽ اسڪول جا استاد مايوس آھن، ڇو ته ھر ھڪ سان سندن جو رويو انتهائي نرم رھيو، ھن ھر ھڪ شاگردياڻيءَ کي پنھنجي اولاد جيان سمجھي پڙھايو، اسان کي خوشي آهي ته رب پاڪ اسان کي اھڙو شفيق استاد عطا ڪيو، ھن ڪڏھن به ڪنھن سان به ڪاوڙ نه ڪئي، رب پاڪ کيس ڪيترن ئي خوبين سان نوازيو آهي، پالڻھار کان دعا آهي ته سائين جتي به ھجي سدائين خوش ھجي ۽ ھميشه گلن جيان مھڪندو رهي.

بنت حسن/اسٽوڊنٽ آف مين گورنمينٽ گرلز اسڪول ٺل

 

اعجاز شاهه شيرازي جو اوچتو وڇوڙو!

شيرازي خاندان جو اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي ٻن مھينن کان ڪورونا، ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماريءَ سبب ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 68 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اعجاز شاهه شيرازيءَ جي موت جي سوڳ ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جا شھر مڪمل طور بند ٿي ويا. پرڏيھ مان خاص انجيڪشن گهرائي سندن علاج ڪيو ويندو ھو. اعجاز شاهه شيرازي 1952ع ۾ الحاج قادر ڏنو شيرازي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن والد پنهنجي علائقي جو معزز ۽ بزرگ شخصيت طور سڃاتو ويندو هو. پاڻ 1984ع کان مڪاني ادارن کان سياست جي شروعات ڪئي. اعجاز شاهه شيرازي 5 ڀيرا ايم پي اي، ڪافي ڀيرا وزير ۽ صوبائي صلاحڪار پڻ رهيو آهي. کيس ٽن پٽن جو اولاد آهي. صوبائي صلاحڪار جي مڙھ کي مڪليءَ جي قبرستان شاھمراد شاهه شيرازي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندن جنازي ۾ ھزارين انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

آفتاب احمد راھو/قاضي احمد

اٿو ننڊ مان جوانو اٿو!

نوشھروفيروز تعلقي جي 13 يونين ڪائونسلن جي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ جي بجيٽ ڪٿي پئي خرچ ٿئي ڪنهن کي به خبر ناھي؟ مختيارڪار نوشھروفيروز ۽ يوسيز جا سيڪريٽري اڌ ڪروڙ رقم کپائڻ جي معاملي ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آھن، ڦل، مصرجي واءِ، ويسر، ڪورحسن ۽ نورپور سميت يوسيز جي شھرن ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم به نه هئڻ برابر آھي. ڪي به ترقياتي ڪم نه پيا ٿين، جنھن ڪري عوام سخت پريشان آھي. ان کان سواءِ نوشھروفيروز ٽائون، درياخان مري، مٺياڻي ٽائون جي ڪروڙن ۾ ايندڙ بجيٽ جي خرچن بابت به شڪ آھن. ٽائون جي سڀني وارڊن ۾ اسٽريٽ لائيٽس، گھٽين ۽ نيڪال جا ڪم به مڪمل نه ٿي سگھيا آھن. سمورن ٽائونن ۽ يوسيز جي سڀني پاڙن جي گھرن جي گندي پاڻيءَ سميت برسات جي پاڻي جي نيڪال جو ڪو به انتظام ناھي، برسات پوڻ کان پوءِ سمورا علائقا، گھٽيون ۽ روڊ مھينن تائين پاڻي ھيٺ ھوندا آھن، جنھن جي نيڪال تي خرچ ته ڏيکاريا ويندا آھن پر سرزمين تي ڪو به نتيجو ظاھر ناهي ٿيندو، سمورين يوسيز جا سيڪريٽري ارب پتي بڻجي ويا آھن، هڪ ئي شخص ٽن چئن يوسيز جو سيڪريٽري بڻيل آھي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀني کي مٿي حصو پتي پهچائي ٿو، پهريان ان وٽ موٽرسائيڪل به نه هئي هاڻي ڪيترين ئي گاڏين جو مالڪ آھن. ان کان سواءِ فلورمل، پلاٽن، دڪانن جو مالڪ بڻيل آھن. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ٽن يوسيز ۾ ڪيترائي ملازم ويزا تي موڪلي هر هڪ کان 5 هزار ماهوار وٺي لکين رپيا بچائين ٿا پر انهن لاءِ اينٽي ڪرپشن، نيب، ايف آءِ اي وارا ڇو خاموش آھن؟ انهن کي به سجاڳ ٿيڻ گهرجي. وڏي خرابي اھا آھي ته اسان جي علائقي جا سماجي ماڻھو ھنن سنجيدا مسئلن تي خاموش آھن. انھن جو ان طرف ڌيان ناهي ته ڪروڙن جون رقمون ڪنھنجي کيسن ۾ پيون وڃن. اسان جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ عوام جي ڀلائي تي اهي پئسا خرچ ٿين نه ته اسان جي پئسن تي ڪک پتي مان ارب پتي اهي ئي سيڪريٽري بڻجي اسان جي مٿان ڊڪٽيٽر بڻجي ناجائز ڪم ڪري اسان مٿان ناجائز حڪم پيا هلائيندا ۽ اسان جا مسئلا وڌي ويندا، سو جوانو اٿو ننڊ مان سجاڳ ٿيو.

محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر

حڪومت ۽ پي ڊي ايم جو ٽڪراءُ آخر ڪٿي دنگ ڪندو؟

گڏيل مخالف ڌر جو اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽ موومينٽ جو 8 ڊسمبر 2020ع تي هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو، اتحاد پاران ميڊيا تي بريفنگ مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته هي اتحاد مضبوط ٿي ويو آهي ۽ 13 ڊسمبر وارو جلسو هرحال ۾ ڪامياب ڪرائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر ملتان ۾ ٿيل جلسي ۾ پي ڊي ايم جي هڪ سياسي راهه تبديل ڪري ڇڏي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب حڪومت طرفان وڌل رنڊڪن ۽ ڏکيائين باوجود پي ڊي ايم جو جلسو ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي. تاريخ کي ورجائي ڏسجي ته گذريل ڪجھه سالن ۾ قومي سطح تي جيڪا سياسي هلچل اڀري آهي ان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ وچوٽيون وڌندي نظر اچن ٿيون. هن وقت جڏهن پي ڊي ايم اتحاد ٺهڻ کان پوءِ 5 جلسا ڪري چڪي آهي ۽ ڇهون جلسو لاهور ۾ ڪرڻ وڃي رهي آهي، وري هڪ دفعو ٻيهر صورتحال ٽڪراءَ طرف وڌندي نظر اچي رهي آهي، مخالف ڌر طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ادارن سان ڳالهيون ٿي سگھن ٿيون. ٻئي طرف حڪومت پاران جلسي ۾ رنڊڪون وجھڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي جلسي لاءِ ڪرسيون، اسٽيج، ٽينٽ، لائوڊ اسپيڪر سميت ٻيو سامان فراهم ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان مان نظر اچي رهيو آهي ته حڪومت هڪ اهڙي گروپ يا ٽولي جي شڪل ۾ نظر پئي اچي. ڀلي هي 22 سالن جي سياسي تجربي جو ذڪر ڪندا هجن پر هي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته اصل تجربي واري ڪهاڻي نٿي ملي. ملڪ ۾ گذريل ڪافي وقت کان جھڙيءَ طرح عوام مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ خلاف دانهيو آهي اهڙيءَ ريت اڄ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ان هنڌ تي اچي پهتي آهي جو هاڻي عوام کي هرطرف  کان ملندڙ فريق ۽ دوکيبازي اهو ويساهه ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري حڪمرانن کي اها ڳالهه سوچڻ گھرجي ته سياست ۾ هونئن به ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا ويندا ۽ جڏهن اهي دروازا بند ٿيا ته ڪو به ڪم ٺيڪ نه ٿيندو ۽ ملڪ معاشي بحرانن مان نڪري نه سگهندو. جھريءَ ريت تاڙي هميشه ٻن هٿن سان وڄندي آهي اهڙيءَ ريت هن ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٻنهي ڌڙن کي ڳالهين طرف اچڻو پوندو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پي ڊي ايم ۽ حڪومتي ٽڪراءُ ڪٿي ٿو وڃي دنگ ڪري.

غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي

چوهڙ جمالي سجاول روڊ جي مرمت ڪڏهن ٿيندي؟

چوهڙ جمالي شهر ضلعي سجاول جو اهم واپاري مرڪز آهي پر شهر جو ڏيک ڪنهن اجڙيل ۽ ڦٽل شهر جيان آهي، شهر جا مين رستا، شاھ بندر چوڪ کان بلوچ پمپ تائين ۽ مختلف گھٽيون تباھ حال آهن. ٽائون ڪاميٽي چوهڙ جمالي جي چيئرمين پنهنجي گذاريل 4 سالن دوران ڪو به مک ترقياتي ڪم نه ڪرايو. بس رگو مال ميڙي پنهنجي آسودگي ۽ عياشي جو سرعام مظاهرو ڪيو. ٻي طرف سجاول ۽ چوهڙ جمالي کي ملائيندڙ مين روڊ جيڪو 2010ع واري آيل ٻوڏ کان اڳ ۾ اهڙو ته تباھ ۽ برباد ٿيل هو جو روڊ تي هلندي ئي ويم واري عورتن جو پاڻ مرادو ڊاڪٽر کان پهچڻ کان اڳ ئي ويم ٿي ويندو هو ۽ بيمار مريض پڻ روڊ تي هلندي ئي دم ڌڻي حوالي ڪندا هئا پر شاباس هجي ان وقت ضلعي ٺٽي جي DCO محمد جعفر عباسي صاحب کي جنهن ايشن بينڪ جي وفد کي هاڻوڪي ضلعي سجاول جي تباھ ٿيل روڊن جو معائنو ڪرايو، جن رحم کائي تباھ ٿيل روڊن جي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ 260 ڪلوميٽر منظور ڪري ڏنا. ان کان پوءِ سجاول ضلعي جي سمورن تعلقن کي روڊ ڏنا ويا پر ان وقت چوهڙ جمالي ۽ سجاول روڊ کي سياسي ڏندن چڪن جي ڪري نظرانداز ڪيو ويو پر سماجي اڳوائڻ ۽ ڪارڪن جهدوجهد ڪري چوهڙ جمالي سجاول روڊ کي ان وقت جي DCO محمد جعفر عباسي کان منظور ڪرايو، جنهن بعد ٽئين مرحلي ۾ ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو ٻن ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو ويو، ٻئي ٺيڪيدار اهڙو ناقص مٽريل استعمال ڪيو ۽ 2012ع تائين روڊ ٺاهي ڏنو، جيڪو ٻن سالن بعد ٽٽي کيڙيل زمين بڻجي ويو آهي، جنهن سبب چوهڙ جمالي کان سجاول پهچڻ وڏي تڪليف پيش اچي رهي آهي. چوهڙ جمالي کان سجاول ويندي روزانو هزارين گاڏين جي اچ وڃ ٿئي ٿي، پر اڃا تائين سرڪاري توڙي سياسي ڌرين تباھ ٿيل روڊ ناهي ٺهرايو. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته چوهڙ جمالي سجاول روڊ جي فوري مرمت ڪرائي روڊ ٺهرائي ڏنو وڃي جيئن روزانو ايندڙ ويندڙ هزارين گاڏين ۽ مسافرن کي اچ وڃ ۾ سهولت ٿئي ۽ ڪنهن به پيش ايندڙ حادثي کان بچي سگهجي.

غلام رسول سنڌي/ چوهڙ جمالي

نوجوان اديبن سان ٻه اکيائي‎!

ڪلچر کاتي جي فنون لطيفا جي شعبي سان سلهاڙيل شاعرن، اديبن، راڳين، سازندن، فنڪارن ۽ اداڪارن لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو پنجاب جيان سٺو ڪم ڪرڻ جو افتتاح ڪيو ويو آھي، جنھن تي سردار شاھ صاحب جس لهڻي پر انھيءَ ۾ ڪجھ شرط پڻ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪو شاعر آھي ته انھي جو ڪو مجموعو آيل ھجي، ائين ته ڪافي شاعر آھن، جيڪي غربت سبب ڪتاب ڇپرائي نه سگھيا آھن پر ھو جديد دور جا سٺا شاعر به آھن ۽ بيروزگاري جي ڪري غربت سبب ڪتاب ڇپرائي نٿا سگھن، ڇا اھي ان اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ کان رھجي ويندا؟ ٻيو ته ڏنل فارم ۾ ڪافي نالا وغيره ڏنا ويا آهن جن جي تصديق کان بنا ڪو صحت ڪارڊ جو اھل نه ھوندو، انھي ۾ ته صرف پنھنجا نوازي جي بنياد تي انھن ماڻھن کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، جنھن جو فنون لطيفا سان ڪو پري پري جو ڪو تعلق نه ھوندو، ان لاءِ ڪلچر کاتي جي وزير سيد سردار شاهه کان گذارش آھي ته مٿيان شرط ختم ڪري نوجوان شاعرن جا به نالا ڏنا جنھن سان انھن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ کين اھو محسوس ٿئي ته سنڌي اديب ننڌڻڪا نه آھن.

علي مخفي/ خيرپورميرس

ملڪ ۾ ناانصافي جو راج!‎

سنڌ ۾ ليليٰ مجنون جو قصو مشهور آهي، جنهن ۾ ڪٽي کائڻ وارو مجنون ۽ رت ڏيڻ وارو مجنون اهم ڪردار رهيا، ڪٽي کائڻ واري مجنون ڏانهن جڏهن ليليٰ جو قاصد رت جي لاءِ پهتو ته اهو ان چيو ته پاڻ صرف ڪٽي کائڻ وارا آهيون، رت ڏيڻ وارا ناهيون، اهڙي ئي صورتحال اسان جي ملڪي تاريخ جي آهي، ملڪ ٺهڻ ۾ جن پنهنجو رت ست ڏنو، وطن جي آزادي لاءِ هر شيءِ قربان ڪئي ۽ ملڪ آزاد ٿيو ته الائي ڪيترا ڪٽي کائڻ وارا مجنون ظاهر ٿيا، جن جي اڄ تائين اها دعويٰ آهي ته ملڪ اسان ٺاهيو نه ته ٺهي ئي نه ها. ملڪ جي خوشحالي ۽ بقا خاطر رت ڏيڻ وارا مهان انسان، جنهن کي ملڪ ٺهڻ کان پوءِ انهن کي غدار، ڌارين جا ايجنٽ ۽ ملڪ جو دشمن ڪوٺيو ويو، انهن کي مختلف اذيتون ڏنيون ويون، ڪڏهن جيل ياترا ته ڪڏهن گهر ۾ نظربند، انهن جو ڏوهه اهو هو ته هر طرح جي غلامي کان نفرت ڪندا ها، انهن جو چوڻ هو ته جنهن مقصد لاءِ ملڪ ٺاهيو اهو ئي مقصد پورو نه ٿئي ته ڪهڙو فائدو؟ غلامي ته غلامي آهي، ڀلي اها پنهنجن جي هجي يا ڌارين جي، ڀلي انگريزن جي هجي يا مسلمانن جي، وري به غلامي ڳچي ۾ ته ڪهڙو فائدو آزادي جو؟ بس آقا مٽيل، غلام ۽ غلامي وارو طوق ته ساڳيو آهي. مطلب ته اھڙي ناانصافي ۽ ويڌن شروع کان آهي، جيڪا هيڏن حادثن باوجود گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي پر گهٽ به ڇو ٿئي جو اسان جي ملڪ جا حڪمران ۽ آمر چاهين ٿا ته ملڪ سدائين مسئلن ۾ جڪڙيل رهي. اقليتن جا حق زوري غضب ڪيا وڃن، انهن جي درياهن، سمنڊن ۽ ٻيٽن تي زوري قبضا ڪيا وڃن. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏنڊي جي زور تي حڪومت هلائي وڃي ۽ جيڪو هن ويڌن خلاف اٿي ان کي زوري کنڀي گم ڪيو وڃي يا سندس چچريل لاش مالڪن وٽ پهچايو وڃي، هي ڇا آهي؟ جمهوريت ڪٿي آهي اظهار جي آزادي ڪٿي آهي؟ تنهن ڪري اسان عدليا سڳوري کي عرض ٿا ڪريون ته ملڪ مان ناانصافي ۽ جهنگ جي قانون جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ خاص ڪري سنڌ جي ٻيٽن تي ٿيندڙ زوري قبضا ۽ سنڌي ماڻهن جي جبري گمشدگين تي عدليا سڳوري پاڻ مرادو نوٽيس وٺي، وفاق کان سنڌ سان ساڙ واري رويي جو جواب طلب ڪري ۽ ملڪ ۾ رهندڙ هر فرد جي اظهار جي آزادي، مذهبي آزادي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو خواب ساڀيان ٿئي .

غلام الله گاڏهي/نصيرآباد

 

Bookmark the permalink.