پنوعاقل(رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل جي سرڪاري اسپتال ۾ عاشق مجبور عورتاڻا ڪپڙا ۽ برقعو پائي پريميڪا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پهچي ويو، پوليس نوجوان کي سوگهو ڪري ورتو، عورتاڻو لباس پهريل نوجوان موبائل فون تي ڳالهائي رهيو هو ته مريضن ۽ ملازمن کيس مشڪوڪ شخص سمجهي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب پنوعاقل جي تعلقي اسپتال ۾ برقعو پائي پريميڪا سان ملڻ لاءِ آيل نوجوان کي پوليس سوگھو ڪري ورتو. سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪوٽ صادق شاهه واري علائقي جو رهواسي آهي. نوجوان عابد بٽ اعتراف ڪيو آهي ته هو پنهنجي پريميڪا کي منڊيءَ جو تحفو ڏيڻ لاءِ اسپتال پهتو ته ماڻهن گوڙ ڪيو ۽ هو پڪڙجي پيو. نوجوان کي عورتاڻا ڪپڙا ۽ برقعو پائي اسپتال پھتو ۽ هن پريميڪا کي منڊي پڻ پارائي پر اسپتال انتظاميا ۽ مريضن شڪ جي بنياد تي اوپرو ماڻھو سمجھي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس کيس گرفتار ڪري ڏٺو ته عورتاڻي لباس اندر لڪيل عورت نه بلڪي مرد نڪتو. سٽي پوليس موجب نوجوان کي حراست ۾ ورتو آهي. معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…