ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) “پهرين حصي مان ڪٽيل 7 ارب ڏيو” سنڌ سرڪار وفاق لاءِ ٽيڪس اوڳاڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار وفاق لاءِ صوبي مان ود هولڊنگ ٽيڪس وصول نه ڪندي، وفاق لاءِ ٽيڪس به اوڳاڙيون ۽ مٿان وري چيو پيو وڃي ته انڪم ٽيڪس جمع ڪرايو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڏنل بيان ۽ هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته آئين صوبن کي اجازت ٿو ڏئي ته هو ود هولڊنگ ٽيڪس جيڪڏهن وصول نه ڪرڻ چاهين ته اها سندن مرضي آهي. سنڌ سرڪار ٽيڪس وصول ڪري وفاق کي ڏيندي هئي پر وفاقي سرڪار ڪافي سال پهرين سنڌ جي حصي مان سڌي ريت 7 ارب رپيا اهو چئي ڪٽي ڇڏيا ته سنڌ ٽيڪس اوڳاڙي صحيح نه ڪئي آهي، سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ ڪافي ڀيرا وفاق کي خط به لکيو پر وفاقي سرڪار ان جو ڪو به جواب نه ڏنو، سنڌ سرڪار ۽ وفاق وچ ۾ ان ٽيڪس معاملي تي نواز شريف جي دور کان وٺي اختلاف هلندڙ آهن. سنڌ ڪابينا گذريل اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو هو ته ود هولڊنگ ٽيڪس ايندڙ مالي سال کان سنڌ وصول نه ڪندي. فيبروري 2020 ۾ سنڌ سرڪار لکت ۾ وفاق کي اهڙي آگاهي ڏئي ڇڏي هئي ته جولاءِ کانپوءِ ٽيڪس اسان وصول نه ڪنداسين. هن چيو ته مون سي سي آءِ سميت سمورن فورمن تي اهو معاملو کنيو پر اسان جي نه ٻڌي وئي، اسان وفاق کي لکيو هو ته جيستائين سنڌ جا ڪٽوتي ٿيل 7 ارب رپيا واپس نه ٿا موٽايو تيستائين اسان ود هولڊنگ ٽيڪس وصول نه ڪنداسين ۽ مون ان سلسلي ۾ ڪالهه به وفاق کي خط لکيو آهي، اسان آئين ۾ مليلن اختيارن تحت اهو فيصلو ڪيو آهي ته وفاق لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس وصول نه ڪنداسين. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس سنڌ گڏ ڪري وفاق کي ڏيندي رهي آهي پر جڏهن وفاق سنڌ پاران ڪيل وصولين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ جي حصي مان 7 ارب رپيا ڪٽي ڇڏيا ته ان کانپوءِ مجبور ٿي سنڌ سرڪار اهو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ٽيڪسن جي وصولي اسان نه ڪنداسين.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…