تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

پوليس ۽ ڏوهارين ۾ جرڳو، اهلڪارن تي جڙتو مقابلي ۾ همراهه کي مارڻ جو ڏوهه ثابت، 25 لک ڏنڊ

مقابلي ۾ عبدالغني جي مارجڻ ۽ چئن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جو جرڳو ڪيو ويو

جرڳو چڱن مڙسن سجاد سومرو، وڏيرو عبدالغني مهر ۽ در محمد مهر جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو

چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جو جرڳو، پوليس اهلڪارن مٿان 25 لک روپيا ڏنڊ، ٺاهه بعد اهلڪار بدنام ڌاڙيل خلاف شاهديون ڦيرائيندا. خبر موجب محمود آباغ ٿاڻي جي حد ۾ ساڍا چار سال اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري عبدالغني پٽ شھزادو مهر ۽ ليمو پٽ ھزاري، منظور پٽ هزاري ۽ شھمور مهر جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو سومرا برادري جي چڱي مڙس سجاد بشير سومرو، وڏيرو عبدالغني مهر، محمد عثمان مهر ۽ در محمد مهر جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪچي واري علائقي ۾ ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار هيڊ محرر عبدالجبار سولنگي، علي سومرو، عاشق سومرو، نواب مغل،نديم مڱڻھار ۽ ٻين مٿان ڏوهاري کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ جو ڏوھ ثابت ٿيو، جنهن بعد مٿن 15 لک خون جي بها، 5 لک ٽن زخمين جا ۽ پنج لک پوليس پاران ڪاهيل ڍورن ۽ ٻئي خرچ جا مقرر ڪيا ويا. ذريعن موجب جرڳي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالغني مهر جي مبينا پلاند ۾ ڌاڙيلن هٿان شھيد ٿيل پوليس اهلڪار پنجاب واسي اي ايس آءِ محمد ٻڌراهه ۽ ٺاروشاهه واسي هيڊ ڪانسٽيبل غلام رسول سهتو جي ڪيس ۾ نامزد ڌاڙيل منظور ڪٻرو مهر خلاف شاهديون ڦيرائڻ جو اهلڪارن کي پڻ پابند بڻايو ويو. پوليس اهلڪارن جرڳي جي فتوى قبول ڪندي ڏنڊ واري رقم مان ڏيڍ لک روپيا ٿڏي تي ادا ڪيا، جڏهن ته باقي رقم جولاءِ مهيني ۾ ادا ڪئي ويندي. جرڳي بعد ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو.

Bookmark the permalink.