تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

پيپلز پارٽي طرفان ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي طرفان ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته ميهڙ واقعي جي ڪيس مان نالو خارج ٿيڻ باوجود سردار شاهه جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، جوابدارن جي گرفتاري جي بهاني سان هڪ ايم پي اي جي گهر جي جهڙتي وٺڻ توهين آهي، سنڌ پوليس جي ترجمان چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو جي پوليس شڪي ماڻهن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، ايس ايس پي جي موجودگي ۾ شڪي گهرن جي جهڙتي ورتي وئي پر ڪوبه جوابدار هٿ اچي نه سگهيو.

Bookmark the permalink.