تازا ترين
  • *وزيراعظم عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي جو چئلنج ڏئي ڇڏيو *بيشڪ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي: وزير اعظم *پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پارٽي سربراهن کي ويهاري ٻڌڻ گهرجي: عمران خان *سياسي فنڊ ريزنگ رڳو تحريڪ انصاف ڪئي آهي: وزير اعظم عمران خان *
  • *ڪراچي: جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ مزار قائد جي مبينا بي حرمتي ڪيس *صفدر ۽ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ قائد اعظم مئنيجمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي *درخواستگذار طرفان پيش ڪيل ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ *قائد جي مزار جي اڱڻ ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سياسي نعريبازي ڪئي: شاهدن جو بيان *عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهد کي گهرائي ورتو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ اوڍا – جکراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ سرڪٽ هائوس ۾ جرڳو شروع *لاڙڪاڻو: جرڳو غوث بخش مھر ۽ منظور پنھور جي سرپئنچي ۾ شروع ٿي ويو، حفاظتي انتطام سخت *لاڙڪاڻو: جرڳي دوران جهيڙيندڙ ڌريون ۽ سندن چڱا مڙس به موجود*
  • *ملير جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي *موت جي سزا مليل جوابدارن ۾ نادر علي، محمد يعقوب ۽ محمد زمان شامل *جوابدار 10لک رپيا معاوضو مقتول جي وارثن کي ادا ڪن: عدالت جو حڪم *جوابدارن ذوهيب نالي نوجوان کي ڀيڻ کي ڀڄائڻ جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو: پوليس *مقتول ذوهيب جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو: پوليس *
  • *ڪراچي: پاڪستان ڪوسٽ گارڊ پاران ڪارروائي، چرس جي اسمگلنگ واري ڪوشش ناڪام *ڪراچي: ناڪه کاري چيڪ پوسٽ تي ڪوچ تي ڇاپو هڻي چرس ۽ آفيم هٿ، هڪ جوابدار گرفتار *ڳجهي اطلاع تي وندر شهر وٽ ڪارروائي ڪري زمين ۾ پوريل هٿيار هٿ ڪيا ويا: ترجمان *هٿيار هٿ ڪري دهشتگردي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي: ترجمان*

پي ايس ايل پلي آف مرحلي لاءِ ٽيمن جي ٽريننگ شروع، محمود الله، جيمس ونس ۽ عامر يامين کي ڪورونا ظاهر

شعيب ملڪ جا حوصلا وڌائڻ لاءِ سندس گهرواري ثانيا مرزا ۽ لاهور قلندرز جو ڊنڪ ڪراچي پهچي ويا

14 نومبر تي پلي آف جون ميچون ٿينديون، 15 تي به ميچون رٿيل، فائنل 17 تي کيڏيو ويندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ڪرڪيتر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا ڪراچي پهچي وئي آهي. هوءِ پنهنجي مڙس شعيب ملڪ جي حوصلا افزائي لاءِ آئي آهي، سندس پٽ به آيل آهي. پي ايس ايل 5 جي پلي آف مرحلي جون ميچون ۽ فائنل 14، 15 ۽ 17 نومبر تي ٿينديون. جنهن لاءِ رانديگرن جو پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. شعيب ملڪ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پي ايس ايل لاءِ ٻين پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. لاهور قلندر جو بين ڊنڪ به ڪالهه ڪراچي پهتو. سميت پٽيل بعد هو ٻيو ڪرڪيٽر آهي جيڪو ڪراچي پهتو آهي. جڏهن ته ڊيوڊ ويسا، ڊين ولاز ۽ تميم اقبال پڻ جلد ڪراچي ايندا. بين ڊنڪ کي 48 ڪلاڪن جي قرنطينا ۽ ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ مرحلي بعد ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي. ٻئي طرف ملتان سلطان جي مک رانديگر محمود الله رياض کي ڪورونا ٿي پئي آهي جنهن ڪري ملتان سلطان جي ٽيم کي وڏو لوڏو رسيو آهي. هن ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته مون ٻه ٽيسٽون ڪرايون پر نتيجو اهو ئي نڪتو آهي هاڻ ته پنهنجي گهر ۾ آئسوليٽ آهيان، پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جو فڪر اٿم. پي ايس ايل جون ميچون نه کيڏڻ تي به افسوس اٿم. جڏهن ته انگلينڊ ثاقت محمود به پشاور زلمي کي جوائن ڪري ورتو آهي. هو ليام ليونگ اسٽون جي جاءِ تي آيو آهي. جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پي ايس ايل ۾ شامل ٽيمن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪالهه پشاور زلمي جي ٽيم ٽريننگ ڪئي ۽ سيشن ۾ حصو ورتو. رانديگر وارم اپ ٿيا. جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جي ڪرڪيٽر عامر يامين کي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. هو ڪراچي آيو ته سندس ٽيسٽ رپورٽ آئي جنهن بعد کيس نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پي ايس ايل ۾ شامل ٽيمن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن

Bookmark the permalink.