
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙجِي؟: پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس جاري، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ، مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جاري اجلاس ۾ نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت، اجلاس ۾ گلگت-بلتستان ۾ چونڊن دوران ٿيل مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي مشاورت جاري آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ فون تي رابطو، ٻنهي اڳواڻن جلد ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، بلاول ۽ مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن کي گڏيل طور رد ڪندي چيو آهي ته ڌانڌلي باوجود پي ٽي آءِ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي، ثابت ٿي ويو ته سليڪٽڊ گلگت ۾ ڌانڌلي ڪئي، مريم نواز چيو آهي ته گلگت جو عوام اپوزيشن جي بيانيي سان اڄ به گڏ بيٺل آهي.