
اسلام آباد ( رپورٽر) پي ڊي اَيم نئين ميثاق کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ احسن اقبال، شيري رحمان، رضا رباني، خرم دستگير ۽ مرتضيٰ ڪامران کي شامل ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان جِي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جَي اجلاس ۾ نوازشريف گڙدن ۾ تڪليف سبب شرڪت نه ڪري سگهيو، ذريعن موجب تجويز ڪيل چارٽر آف پاڪستان ۾ آئين جِي بالادستي، پارليامينٽ جِي خودمختياري ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ وارا مطالبا شامل ڪيا ويا. مهانگي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو به ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم گلگت بلتستان جَي چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي، چونڊ مهم ۾ رياستي مشينري استعمال ڪئي وئي، ڪورونا وائرس جِي آڙ ۾ جلسن تي پابندي لڳائڻ وارَي فيصلي کي رد ڪيون ٿا، سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سُک جو ساهه نه کڻنداسين.