تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پٿورو لڳ قتل ڪيل پ پ اڳواڻ جو ڪيس داخل نه ٿيو

پٿورو( ن پ ا ) پٿورو لڳ غلام نبي شاھ ۾ گذريل ڏينھن شام جو 7 وڳي ڏاري ڳوٺ عبدالرحمان سمون ۾ ويگو گاڏي ۾ سوار نامعلوم ھٿياربندن پاران اوطاق تي ويٺل پي پي اڳواڻ ۽ زميندار شوڪت سمون کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو، مقتول جي جنازي نماز ڳوٺ علي خان سمون ۾ ادا ڪئي ويئي جنازي نماز ۾ سمان برادري جي سردار ڏاڏا جاويد سمون، پي پي اڳواڻ ميان خالد ولھاري ۽ ٻين سمان برادري جي ماڻھن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد مقتول جي تدفين ڳوٺ ڏوڏھار ۾ اباڻي قبرستان ۾ ٿي، ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ مقتول شوڪت سمون کي جوابدارن پاران 2 مٿي ۾ پيٽ ۽ نرن وٽ 6 پستول جون گوليون لڳل آھن، گوليون چار کان 5 فٽ جي مفاصلي تي ھنيون ويون آھن، ٻئي پاسي ايس ايچ او غلام نبي شاھ رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مقتول شوڪت سمون جا وارث اڃا آخري رسمن ۾ مصروف آھن، جيئن فارغ ٿي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، جاءِ واردات تان پستول جي گولين جا 9 کول مليا آھن، اوطاق تي موجود شاھدن باورچي ۽ ھن جي ڀاڻيجي جو بيان رڪارڊ ڪيو آھي، قاتل وڏا شوٽر لڳن ٿا، پوليس ھر پاسي کان جاچ ڪري پئي انشاالله جلد قاتلن تائين پھچي وينداسين.

Bookmark the permalink.