تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌي قوم کي واڌايون: سنڌو تهذيب پاڪستان جو تاج آهي: بلاول ڀٽو زرداري

نوجوان عظيم ثقافت جا وارث ۽ امين آهن. ايڪتا ڏهاڙي سان مهراڻ جي وادي ۾ قديم موسيقي توڙي جهمرين جهڙا فن نروار ٿين ٿا: بلاول

مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ رنگ نسل جي ماڻهن پاران رواداري ۽ امن سان گڏجي رهڻ جو نالو جديد دور آهي: پ پ چيئرمين جو پيغام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌو تهذيب پاڪستان جو تاج آهي،نوجوان عظيم ثقافت جا وارث ۽ امين آهن. ايڪتا ڏهاڙي سان مهراڻ جي وادي ۾ قديم موسيقي توڙي جهمرين جهڙا فن نروار ٿين ٿا. ايڪتا جو ڏهاڙو ڀائيچاري جو پيغام آهي.مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ رنگ نسل جي ماڻهن پاران رواداري ۽ امن سان گڏجي رهڻ جو نالو جديد دور آهي.

Bookmark the permalink.