
اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن جلد ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن جو حڪومتي اتحاد کان وڌيڪ ووٽ وٺڻ پي ٽي آءِ جي عدم مقبوليت جو ثبوت آهي، مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان جو عوام اپوزيشن جي بيانيي سان گڏ بيٺو آهي. ٻنهي اڳواڻن گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن کي گڏيل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته ڌانڌلي باوجود پي ٽي آءِ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي، ثابت ٿي ويو ته سليڪٽڊ گلگت ۾ به ڌانڌلي ڪئي آهي. واضح رهي ته جي بي جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ 9، پيپلز پارٽي 3 ۽ ن ليگ 2 سيٽون حاصل ڪري سگهيون، جنهن کانپوءِ ٻئي جماعتون حڪومت تي ڌانڌلي جو الزام هڻي رهيون آهن.