
ڪراچي (اسپورٽس نيوز)ڪرڪيٽ جي بي تاج بادشاهه ۽ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ايم ايس ڌوني سوشل ميڊيا ذريعي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو، ايم ايس ڌوني جو چوڻ آهي ته ڪيريئر دوران سپورٽ ڪرڻ تي مداحن جو ٿورائتو آهي.ڌوني چيو آهي ته ڪرڪيٽ کي ڇڏڻ انتهائي ڏکيو فيصلو آهي، تنهن باوجود 2022ع تائين آءِ پي ايل جو حصو رهندو، ايم ايس ڌوني پنهنجي ڪيريئر ۾ 350 ون ڊي مئچز ۾ 10773 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 10 سينچريون ۽ 73 ففٽيون شامل آهن،ون ڊي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ سندس هاءِ اسڪور 183 آهي، ايم ايس ڌوني ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو،90 ٽيسٽ مئچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي،ٽيسٽ ڪيريئر 4876 رنسون ٺاهيون،جنهن ۾ 6 سينچريون ۽ 33 ففٽيون شامل آهن، ايم ايس ڌوني 98 ٽي ٽوئنٽي مئچز ۾ 1717 رنسون ٺاهيون ۽ 2 ففٽيون شامل آهن. ايم ايس ڌوني وڪيٽ پويان ڪيترائي شڪار ڪيا، ڀارتي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني پنهنجي ڪپتانيءَ ۾ 2 ڀيرا ڀارت کي ورلڊ چئمپين بڻايو، جڏهن ته سندس ئي ڪپتانيءَ ۾ ڀارت چئمپينز ٽرافي ۾ ميدان ماريو.ايم ايس ڌوني چار مهينا اڳ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪرڻو هو پر ڪورونا وبا سبب اعلان نه ڪري سگهيو.