تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڀارتي گلوڪاره نيها ڪَڪڙ ۽ روهن پريت شادي ڪري ڇڏي

نئين دهلي(انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور گلوڪاره نيها ڪَڪڙ گذريل ڏينهن گلوڪار روهن پريت سان شادي ڪري ڇڏي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ گلوڪاره نيها ڪَڪڙ جو نئون گانو”نيها دا ويا“ رليز ٿيو هو جنهن ۾ هن سان گڏ گلوڪار روهن پريت سنگهه به نظر آيو هاڻ گلوڪاره روهن پريت سنگهه سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان پنهنجي مداحن سان تصويرون به شيئر ڪري رهي آهي نيها ڪَڪڙ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سڀ کان پهريان تصويرون پوسٽ ڪيون هيون جنهن ۾ هن پيلي رنگ جو خوبصورت فراڪ پاتو هو ان کانپوءِ گلوڪاره نيها ڪَڪڙ پنهنجي مهندي جي تقريب جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هن سائي رنگ جو وڳو پاتو آهي ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن نيها ڪَڪڙ نئين دهلي جي گوردواري ۾ سک روايتن تحت شادي ڪئي

Bookmark the permalink.