
ڄامشورو (ن پ ا) ڄامشوري ڀرسان هڪ رات ٻن خوفناڪ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 4 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڄامشورو ٽول پلازه وٽ ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ بعد ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪار مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتين جي محمد شهباز، محمد خالد عمر، ۽ اعجاز احمد طور سڃاڻپ ٿي، جڏهن زخمي شهزاد کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب فوتي ۽ زخمي عيد ملهائڻ لاءِ ڪراچي کان لاهور وڃي رهيا هئا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو ….. ٻئي پاسي ڪراچي کان پني عاقل ويندڙ مسافر وين اولڊ ٽول پلازه وٽ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب زخمين ۾ ڊرائيور شاهه محمد شهاڻي، نادر شهاڻي، صدام، مور زادو،سيف الله، بشير، صحبت علي ۽ يحيٰ مهر شامل آهن، جن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.