تازا ترين
  • *ميرپورخاص ويجهو نوجوان مبينا طور زال سان ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو *نعيم ٽالپر ڳوٺ ۾ نوجوان بيمو ڪولھي زال سان ڪاوڙجي ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو: پوليس *نوجوان بيمو ڪولھي ڪنري جو رهواسي ھو، سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندو هو: پوليس*
  • *ڪراچي: عوام سان فراڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار حاجي آدم جوکيو خلاف ڪيس *نيب جي جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي *جوابدار خلاف ريفرنس تياري جي مرحلي ۾ آهي، ڪجهه مهلت ڏني وڃي: جاچ آفيسر *عدالت جاچ آفيسر کي مهلت ڏيندي ڪارروائي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي *اسان کي پلاٽ ڏيڻ جو ڏٺو ڏٽو ڏنو ويو،پر 30 سال گذري ويا، پلاٽ نه مليا: متاثر *
  • *ڏهرڪي: ريتي ۾ بدامني خلاف ڪاروبار بند ڪري واپاري روڊن تي نڪري آيا، مين چوڪ تي ڌرڻو *چورين ۽ ڦرن جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس اگهور ننڊ آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري *ايس ايڇ او ريتي کي هٽائي چورن ۽ ڦورن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *دادو: خانگي اسڪولن کي سرڪاري ڪتاب مهيا ڪرڻ جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جو نوٽيس *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين کي ليٽر موڪلي ڇڏيو *4اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪري ميل ۽ فيميل ٽي او خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش*
  • *اينٽي انڪروچمينٽ لاڙڪاڻو جي عدالت باڊھه شھر مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *40ڏينهن اندر قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي: عدالت جو اي سي ڏوڪري کي حڪم *باڊھه جي شھريءَ قبضن خلاف اينٽي انڪروچمينٽ لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي*

ڄامشوري ۾ جدوجهد ڪميٽي پاران بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ريلي، ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

جدوجهد ڪميٽي روڊن جي مرمت، ڊرينيج پاڻي نيڪال ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو

مظاهرين پاران ڳالهين لاءِ آيل ڊي سي ڄامشورو ۽ مختيارڪار ڪوٽڙي کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب

ڄامشورو (ن پ ا) ڄامشوري ۾ جدوجهد ڪميٽي پاران بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ريلي، ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو، مظاهرين پاران روڊن جي مرمت، ڊرينيج پاڻي نيڪال، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو، مظاهرين پاران ڳالهين لاءِ آيل ڊي سي ڄامشورو ۽ مختيارڪار ڪوٽڙي کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب، مظاهرين جو چوڻ هو ته اوهان جي وعدن تي ڀروسو ناهي، اڳ به ڪيترائي واعدا ڪيا ويا جن تي عمل ناهي ٿيو.

Bookmark the permalink.