
چڪ (ن پ ا) چڪ ڀرسان 4 گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک، 3 ٻڪريون مري ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، مدد جي اپيل، قاسم ڳوٺ ڀرسان باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب غلام نبي، فاروق، محمد بچل ۽ لال بخش سولنگي جي گهرن کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب گهرن جو الهه تلهه ۽ 3 ٻڪريون سڙي مري ويون، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته گرمي لڳي پئي آهي، خبر ناهي ڪيئن باهه لڳي آهي، سڀ ڪجهه سڙي ويو آهي، مال مري ويو آهي، گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، مدد ڪئي وڃي.