چڪ(رپورٽ:آزاد انور مهر)سنڌ جي تاريخي شهر چڪ جتي راندين لاء ڪوبه گرائونڊ ناهي، جنهن ڪري ڪرڪيٽ، والي بال، سميت ٻين راندين سان دلچسپي رکندڙ نوجوان ويران پلاٽن تي عارضي پچون اڏي پنهنجو شوق پورو ڪن ٿا، چڪ ۾ رانديون کيڏڻ لاءِ رانديگرن پاران سرڪاري اسٽيڊيم جي ڪيل گهر کي 34 سال گذري ويا، ڪيتريون حڪومتون آيون ويون پر چڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن کاهي، ڀرڪڻ جي سوين رانديگرن جو سرڪاري اسٽيڊيم وارو خواب پورو ٿي نه سگهيو، جڏهن ته گرائونڊ نه هجڻ ڪري نوجوان هوٽلن تي ويهي پنهنجو ٽئلنٽ ضايع ڪري رهيا آهن. ماضي جا مشهور رانديگر سيد زاهد شاهه، رفيق سومرو، منظور سيٺار، استا رحيم ميئو، شرافت علي شيخ، عرفان سيٺار، ڪيپر روي ڪمار روهڙا ۽ ٻيا مايوس ٿي ڪرڪيٽ کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري ويا. چڪ واسي آلرائونڊر الطاف شيخ ۽ ڀرڪڻ واسي واجد علي ميئو جن نه صرف ضلعي شڪارپور پر لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد ڊويزن سميت صوبائي سطح جي مقابلن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي وڏو نالو ڪمايو آهي. بهترين پرفامنس ذريعي وڏو نالو ڪمائي ڪرڪيٽ ۾ ”سر“ جو خطاب ماڻيندڙ اتر سنڌ جي ست ڪرڪيٽرن ۾ چڪ واسي 2 ڪرڪيٽر قربان ميراڻي، وزير علي چنو به شامل آهن، جن ڪرڪيٽ جي شروعات چڪ شهر کان ڪئي پر وارثي نه ٿيڻ ڪري مايوسيء جو شڪار ٿي ويا. رانديگرن ياسر مهر، الطاف شيخ، واجد ميئو، ۽ راجا ساگر مهر ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صرف پهنجي ضلعي ۾ نه پر ڊويزن جي سطح تي راند کيڏي پاڻ مڃرائي چڪا آهيون، گرائونڊ اسان جي بنيادي ضرورت آهي.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…