
ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڪنڌڪوٽ آپريشن بابت پوليس مٿان لڳايل الزام رد، ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ چيو آهي ته جيئند جاگيراڻي جا گهرڀاتي ۽ ساٿي آپريشن ۾ مارجي ويا هئا، سندس مخالف ٽولن کي آپريشن ۾ شامل ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، آپريشن دوران ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏين کي به نقصان پهتو، جيئند جاگيراڻي جي دٻدٻي ۽ خوف کي ڌڪ رسيو، تنهن ڪري پنهنجو داٻو برقرار رکڻ لاءِ وڊيو جاري ڪئي، جيڪو ڌاڙيل مارجي ويل پُٽ، ڀائٽيي ۽ زال جي مالڪي ظاهر نٿو ڪري، اُهو سچ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته ڪچي ۾ جڏهن به ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي خلاف آپريشن ٿيندو آهي، مخالف ٽولا به پوليس خلاف پاڻ ۾ گڏجي ويندا آهن.