تازا ترين
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

ڏنڊو کڻڻ تي حڪمران رنڊڪون ختم ڪري ڀڄي ويا: فضل الرحمٰن

حڪومت کي لڳي ٿو ته ڌمڪين کان ڊڄي وينداسين، لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي دنگل ٿيندو: پي ڊي ايم سربراهه

ملتان ( بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته حڪومت کي لڳي ٿو ته ڌمڪين کان ڊڄي وينداسين، جنگ جاري آهي ۽ لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي دنگل ٿيندو، جيستائين عمران خان ملڪ ڇڏي ڀڄي نه وڃي، سندس پيڇو ڪرڻو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سڄو عوام لاهور روانو ٿيندو، حڪومت رستو روڪي ڏيکارَي، عوام کين ٻوڙَي ڇڏيندو، ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملتان ۾ ڪارڪنن تي تشدد خلاف جمعي ۽ آچر تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿيندا، اسان رڳو ڏنڊو ڏيکاريو آهي، اسان کي چِڙ نه ڏياريو، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشمير فروش حڪمران هاڻي فلسطين کي وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان سودو ڪرڻ نه ڏينداسين، حڪومت جون ناجائز عالمي ايجنڊائون مڙهڻ نه ڏينداسين.

Bookmark the permalink.