
ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ڀرسان اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ وروالو ۾ مبينا ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، پوليس جو چوڻ آهي ته 16 سالن جي ناري سبحانه شر کي سندس ڀاءُ لياقت شر گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، مقتولڻ ناري جي والد علي گل شر جو چوڻ آهي ته ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو، جن کي ڇڏائڻ دوران ڌي کي گولي لڳي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي رهيا آھيون، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو.