تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

کنڊ اسڪينڊل تي جاچ رپورٽ ملڪي سياست ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو: سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته شگر مافيا جو مُک ڪردار شريف خاندان ئي آهي:شبلي فراز

شريف خاندان جي سياست جو محور پئسو آهي ۽ شريف مافيا طرفان ادارن جو بيدرديءَ سان استعمال ڪيو ويو: وفاقي وزير

احتساب جي خلاف نه آهيون، رڳو مخصوص ماڻهن کي ٽارگيٽ نه بڻايو وڃي، سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ) کنڊ اسڪينڊل تي جاچ رپورٽ ملڪي سياست ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته شگر مافيا جو مُک ڪردار شريف خاندان ئي آهي، شريف خاندان جي سياست جو محور پئسو آهي ۽ شريف مافيا سدائين عوام جو استحصال ڪيو، جنهن لاءِ ادارن جو بيدرديءَ سان استعمال ڪيو ويو، پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز جو چوڻ هو ته قوم ڄاڻي ٿي ته شوگر مافيا جو سڀ کان وڏو مک ڪردار شريف خاندان ئي آهي، جڏهن ته عمران خان جي سياست غريب عوام جي حقن جي لاءِ آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي کنڊ ڪميشن رپورٽ پڌري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته جهانگير ترين، مونس الاهي، شهباز شريف، عمر شهريار ۽ اومپني گروپ کنڊ مان تمام گهڻو پئسو ڪمايو، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، مون الاهي ۽ ترجمان سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب کنڊ ڪميشن رپورٽ ۾ لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو. ٻئي پاسي نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجه آصف رپورٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو احتساب جي خلاف نه آهن، پر رڳو مخصوص ماڻهن کي ٽارگيٽ نه بڻايو وڃي، سوال جِن ماڻهن ڏانهن اشارا ڪن ٿا، جاچ ڪميشن اُنهن تي ئي مهربان ٿي وئي، کنڊ اسڪينڊل جي شفاف جاچ ڪري حڪومت ۾ شامل ماڻهن کي به احتساب جي عمل ۾ آندو وڃي.

Bookmark the permalink.