نندو(ن پ ا)کوسڪي فيڊر تي بجليءَ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف نندو جا شهري روڊن تي نڪري آيا، نندو ۾ مختلف ڌُرين طرفان هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهري بعد ڌرڻو هنيو ويو. شهرين ۽ واپارين حاجي سُونهارو ملاح، علي اصغر شاهه، اياز گُل خاصخيليءَ جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد پريس ڪلب نندو کان شاهنواز چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن حاجي سُونهارو ملاح،اياز گُل خاصخيليءَ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايڪسين ۽ ايس ڊي او حيسڪو بدين کي رشوت نه ڏيڻ تي کوسڪي فيڊر تي کوسڪي فيڊر تي بجليءَ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، سخت گرميءَ ۾ به 18 کان 20 ڪلاڪ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري شهر ۾ پاڻيءَ جو به بحران پيدا ٿي ويو آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن کوسڪي فيڊر تي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ويئي ته ٿرڪول باءِ پاس تي ڌرڻو هڻنداسين.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…