ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) سڄي سنڌ جيان ڪاڇي جو مرڪزي شهر ٽنڊو رحيم خان به ستين ڏينهن تي مڪمل بند آهي، درزين، بس، سوزوڪي ۽ ٻين گاڏين جي ڊرائيورز سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته کاڌ خوراڪ ڏئي زندگيون بچايون وڃن. ٽنڊو رحيم خان ۾ ٻئي هفتي به مال پڙي نه لڳي سگهي، سنڌ حڪومت جي نئين اعلان بعد گذريل ڏينهن شام جو پنجين وڳي ڪريانه، کير، ڏهي ۽ سبزين جا دڪان به بند ڪرايا ويا. روز ڪمائي کائڻ وارا درزين، بس، سوزوڪي، رڪشا ۽ ٻيون گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙ سانوڻ خاصخيلي، رفيق جنگواڻي، دزري اتحاد اڳواڻ شمع خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪاروبار بند هجڻ سبب فاقا ڪشي تي مجبور آهيون. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود ڪنهن به قسم جي سهائتا ناهي ٿي، هاڻي ڪورونا کان وڌيڪ بک وگهي مرڻ جو خوف پيو ٿئي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جا حڪمران سکڻن اعلانن کان نڪري حقيقي طور تي سامهون اچن ۽ ضروت مند ماڻهن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ هڪ ويلو ماني کائي سگهن.
- مورو ۾ گٽر اٿلي پيا، شهر ۾ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ، انتظاميا ننڊ ستل
مورو (ن پ ا) مورو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي ء مين ڊسپوزل مشينون نه ھلائڻ سبب بخاري محلا، ملاح چوڪ سميت ٻين پاڙن جا گٽر…
- بدين ضلعي ۾40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تي قبضا برقرار، پيادل گذرڻ به محال
ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ڪوٽڙي بئراج جي ٻن مک ڪئنالن اڪرم واھ ۽ نيو ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ 40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تان ڪورٽ جي حڪم باوجود قبضا…
- موسمي تبديلي سبب سيارو ڊسمبر بدران جنوري ۾ اچي ٿو: آبادگار بورڊ
مٽياري: آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نديم شاهه ٻڌايو ته موسمي تبديلي سبب سياري جي موسم ۾ ڊسمبر بدران جنوري ۽ فيبروي ۾ اچي ٿي، ڪڻڪ جي پچڻ جي…