تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪا ڄاڻ ميڊيا ۾ ليڪ ناهي ڪئي:سشانت سنگهه ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايجنسيون

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي موت بابت ڀارت جي ٽن ڌار ايجنسين طرفان جاچ جاري آهي ۽ هيل تائين ڪا حتمي رپورٽ سامهون ناهي آئي پنڪ ولا جي رپورٽ موجب سينٽرل بيورو آف انويسٽي گيشن نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو ۽ انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ ممبئي هاءِ ڪورٽ کي آگھاهه ڪيو ته هنن ڪيس بابت ميڊيا ۾ ڪا ڄاڻ ليڪ ناهي ڪئي ڀارت جي ڄاڻايل ايجنسيز طرفان ايڊيشنل سولسٽر جنرل انيل سنگهه بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو رپورٽ موجب سشانت سنگهه ڪيس جي ميڊيا ٽرائل خلاف عام مفاد جي قانوني ڪارروائي ڪندي عدالت جاچ ايجنسيز کان جواب طلب ڪيو هو اي ايس جي چيو ته اسان پنهنجيون ذميواريون ڄاڻيون ٿا ۽ ڪنهن ايجنسي طرفان ڪا ڄاڻ ليڪ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي خيال رهي ته سي بي آءِ سشانت سنگهه راجپوت جي موت جي ڪارڻن جي جاچ ڪري رهي آهي اي ڊي مني لانڊرنگ جي الزامن بابت جاچ ڪري رهي آهي اين سي بي موت سان واڳيل منشيات ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي ڇو ته ريڪور ڪيل واٽس ايپ چيٽس ۾ منع ٿيل مواد استعمال ٿيڻ جو اشارو مليو هو ججز ريماڪرس ڏنا ته هتي ضابطي جي نه پر چيڪ ۽ بيلنس جي ضرورت آهي ماڻهو وساري ويهن ٿا ته سندن حدون ڪٿي آهن هر شئي جي حد هجڻ گهرجي

Bookmark the permalink.