
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ چيني قونصلخاني تي حملي واري ڪيس ۾ پابندي پيل تنظيم بي ايل اي جي 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن چيني قونصلخاني تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي هٿيار ۽ بارودي مواد مهيا ڪيو هو، ٻن جوابدارن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو، ڪيس ۾ روپوش 15 جوابدارن ۾ حربيار مري ۽ علي داد بُليدي به شامل، سندن گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.