تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ڪراچي ۾ دُعا منگي جي اغوا واري واقعي کي هڪ سال گذرڻ باوجود ڪيس جو ماسٽر مائينڊ پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيو

واقعي ۾ زخمي ٿيل دعا منگي جو دوست حارث سومرو معذور بڻيل، پرڏيهه مان علاج اپيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ دُعا منگي جي اغوا واري واقعي کي هڪ سال گذرڻ باوجود ڪيس جو ماسٽر مائينڊ پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيو، واقعي ۾ زخمي ٿيل دعا منگي جو دوست حارث سومرو معذور بڻيل، سرڪار ۽ سرندي وارن کي پرڏيهه مان علاج لاءِ سهائتا جي اپيل ڪئي وئي. حارث سومرو چيو آهي ته علاج لاءِ فنڊز گڏ ڪرڻ واري مهم ۾ کين بهتر موٽ ملي آهي، پرڏيهه ۾ علاج دوران گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار ڊالرز خرچ ايندو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي حارث سومرو چيو ته اغوا واقعي جو ماسٽر مائينڊ گرفتار ٿيڻ گهرجي، معاملي تي سوديبازي ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، آئون ۽ دعا اغوا وارو واقعو سڄي زندگي نه وساري سگهنداسين.

Bookmark the permalink.