
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪشمور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي جو ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکيو ويو آهي. وڪيل شاهد سومرو وزيراعظم عمران خان، گورنر سنڌ، سنڌ جِي عورتن جِي ترقي واري وزير ۽ ٻين اختيارين ڏانهن خط لکيا آهن. خط ۾ وڪيل شاهد سومرو متاثر نينگري عليشا کي رهائش فراهم ڪرڻ سان گڏ سندس بهتر تعليم جَي بندوبست جو مطالبو ڪيو آهي. ان کانسواءِ وڪيل شاهد سومرو خطن ۾ اهو به مطالبو ڪيو آهي ته عليشا ڪيس ڪشمور کان ڪراچي منتقل ڪيو وڃي.