تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪلوئي پوليس ٿاڻي تي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي: هلندڙ وين ۾ مسافر عورت کي حراسان ڪندڙ ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو

ڊرائيور جي ڀرواري سيٽ تي ويٺل عورت رڙيون ڪندي ڊرائيور تي ڇيڙڇاڙ جو الزام مڙهيو

ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ويجهو هلندڙ وين ۾ عورت کي جنسي طور حراسان ڪندڙ ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد مبينا ڏيتي ليتي بعد ڇڏي ڏنو. ايس ايڇ او انوکو موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته معاملو ايڏو وڏو نه هو. بدين کان نئون ڪوٽ ويندڙ مسافر وين ۾ ڊرائيور جي ڀرواري سيٽ تي ٽن عورتن کي ويهاريو ويو هو، ڊرائيور جي ڀرسان ويٺل عورت ڪلوئي جي رحمان آباد اسٽاپ وٽ اوچتو رڙيون ڪيون ۽ الزام هنيو ته ڊرائيور ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهيو آهي، ناري جي رڙين تي شهري گڏ ٿي ويا، رش جو فائدو وٺي ڊرائيور رياض لغاري وين مان لهي فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. متاثر عورت ۽ سندس مڙس واقعي تي احتجاج ڪندي جوابدار خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، پر ڪلوئي پوليس پنهنجي عدالت لڳائيندي وين ڊرائيور کي الزامن کان آجو قرار ڏيندي کيس ڇڏي ڏنو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪلوئي غلام رسول جنجهه موقف اختيار ڪيو ته هو ٿاڻي تي موجود نه هو، اهلڪارن معاملو حل ڪري پوءِ ڊرائيور کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته معاملو ايڏو وڏو نه هو.

Bookmark the permalink.