تازا ترين
  • *کپرو ويجهو اڻڄاتل جوابدارن جي حملي ۾ زخمي ٿيل نينگر جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *راجا پٽ ڏيويو ڪولهي جي وارثن عورتن سميت ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو،جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو *
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

ڪميشن امتحان ڪڏهن پاس ڪندئو؟: سنڌ جي سڌو ڀرتي ٿيل 15 ڪامورن کي شوڪاز جاري

ڪراچي (رپورٽ:  شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت اسٽنٽ ڪمشنر طور سڌي ريت ڀرتي ٿيڻ بعد عدالتي حڪم تحت اسسٽنٽ ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جا امتحان پاس نه ڪندڙ 17کان 20هين گريڊ جي  15 ڪامورن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، 20هين گريڊ جي ٻن، 19هين گريڊ جي 8،  گريڊ 18هين جي 4 ۽ گريڊ 17 جي هڪ ڪاموري کي شوڪاز نوٽيس اماڻيا ويا آهن. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي هدايتن کانپوءِ عدالتي حڪم باوجود ڪليٽر ون ۽ ڪليٽر ٽو جو امتحان نه ڏيندڙ مڪاني ادارن واري کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري 20هين گريڊ جي آفيسر چراغ الدين هنڱورو، 20هين گريڊ جي  روينيو عملدار  مخدوم شڪيل الزمان، 19هين گريڊ جي ڪامورن تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور مقرر ٿيل غلام حيدر مڱريو، ڪامران شهزاد، محمد بابر قدير، سيد احمد علي شاھ، فوڊ اٿارٽي جي ڊي جي امجد لغاري، پلاننگ کاتي جي ڊي جي اسلم کوسو، اقليتن واري کاتي جي ڊائريڪٽر سڪندر خشڪ، امتياز راڄپر،  18هين گريڊ جي 4 ڪامورن  مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر غلام حيدر چانڊيو، شهزاد طاهر ٿهيم، محمد حسين گھمرو ۽ عزيز احمد برلاس،   17هين گريڊ جي هڪ ڪاموري عبدالفهيم خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪامورن کي مختلف وقتن تي سِڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو هو، اهي ڪامورا ترقيون ماڻي مٿين عهدن تائين پهچي چُڪا آهن. عدالتي حڪم تحت کانئن ڪليڪٽر ون ۽ ڪليڪٽر ٽو جو امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ جي هدايتن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران امتحان پاس نه ڪندڙ  ڪامورن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

 

Bookmark the permalink.