تازا ترين
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ڪنري ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زودار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي

ڪنري (ن پ ا) ٻسٽان بائي پاس وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ نواب آباد واسي نظير سولنگي، عباس سولنگي ۽ ڳوٺ ھاشم جنجھي واسي دوست علي جنجھي زخمي ٿي پيا. حادثي جي زخمين کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو جتان ھڪ زخمي نظير سولنگي کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو

Bookmark the permalink.