تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ڪنڊيارو ۾ شادي شده ناري پراسرار نموني فوت، امڙپاران قتل جو شڪ، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي اپيل

شاهه لطيف ڪالوني ۾ طوبيٰ رباب زال سعيد شيخ پراسرار نموني فوت ٿي وئي

ڌيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، سندس پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي:امڙ

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ شادي شده ناري پراسرار نموني فوت، امڙپاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، شاهه لطيف ڪالوني ۾ طوبيٰ رباب زال سعيد شيخ پراسرار نموني فوت ٿي وئي، ان سلسلي ۾ فوتي ناري جي امڙ مسمات نعيم اختر جو چوڻ آهي ته ڌيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، سندس پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪيون پيا ته واقعو ڪيئن پيش آيو آهي. جڏهن ته پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ ناري جو لاش اسپتال کڻائي وئي، پوليس موجب عورت جي وارثن ناري جي واقعي کي قتل قرار ڏيندي سندس مڙس تي الزام لڳايو آهي.

Bookmark the permalink.