تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين سان آپريشن

پوليس طرفان آپريشن دوران هڪ مغوي سيف الدين جعفري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

پوليس جو ڏوهارين سان ڪچي ۾ مقابلو هلندڙ آهي، هڪ مغوي کي بازياب ڪرايو:ايس ايس پي

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين سان آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ، علائقي کي ڪڙو چاڙهي رستا سيل ڪيا ويا، پوليس طرفان آپريشن دوران هڪ مغوي سيف الدين جعفري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته پوليس جو ڏوهارين سان ڪچي ۾ مقابلو هلندڙ آهي ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ جاري آهي، ڏوهاري جو خاتمو آندو ويندو.

Bookmark the permalink.