تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪنڌڪوٽ: دوستي رکڻ لاءِ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف: ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل

هراسان ڪرڻ دوران شاگردياڻي جي رڙين تي ماڻهو گڏ ٿي ويا، جوابدار ڀڄي ويا

دوستي رکڻ لاءِ جوابدار شاگردياڻي کي تنگ ڪندا رهيا آهن: پوليس

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ شاگردياڻي کي دوستي رکڻ لاءِ مبينا طور هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل. ٽيوشن پڙهڻ ويندڙ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي کي انجنيئر بنگلو وٽ موٽرسائيڪل سوار 3 اوباش نوجوانن مبينا طور هراسان ڪيو، شاگردياڻي جي رڙين تي ماڻهو گڏ ٿي ويا ته اوباش نوجوان فرار ٿي ويا. شاگردشاڻي جي پيءُ انصاف احمد عارباڻي جي فرياد تي اي سيڪشن پوليس سجاد علي پٽ نصرالله ڀٽو سميت ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي ٽيون پڙهڻ لاءِ روزانو پنڌ ويندي آهي، جنهن کي دوستي رکڻ لاءِ ٽن اوباش نوجوان تنگ ڪندا آهن ۽ ساڻس ڇيڙڇاڙ ڪندا رهيا آهن، جوابدارن عدالت مان حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.