
ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ويجهو جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ نواب جعفري ۾ جوابدار عبدالحميد بنگلاڻي کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، پوليس لاش اسپتال منتقل، واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو ٿو لڳي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ظلم ڪيو ويو آهي، نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.