تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ڪنڌڪوٽ ۾ خوراڪ کاتي جي ٽيم جو مل تي ڇاپو، ذخيرو ٿيل 60 هزار ڪڻڪ هٿ

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) خوراڪ کاتي جي ٽيم پاران ڊي سي منور علي مٺياڻي، اي سي مونس راھوجو ۽ فوڊ انسپيڪٽر بلخ شير شيخ جي اڳواڻي ۾ شاھ ڀٽائي رائيس مل تي ڇاپو هڻي ڪڻڪ جون 60 ھزار کان وڌيڪ ٻوريون ھٿ ڪري مل کي سيل ڪيو ويو. فوڊ انسپيڪٽر موجب واپارين ھٿرادو ڪڻڪ ذخيرو ڪري گودامن تي رکي خوراڪ کاتي جو مليل ٽارگيٽ پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رھيون آھن. ڊي سي ،منور مٺياڻي موجب واپارين مختلف ملن ۾ آبادگارن کان ڪڻڪ وٺي ڪري چوري ذخيرو ڪري ڇڏي آهي تنهن عمل خلاف واپارين مٿان قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.