
ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾گذريل ڏينهن اغوا ٿي ويل نينگري ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي وئي، 24 ڪلاڪن بعد نينگري انيلا بهلڪاڻي بازياب ٿي گهر پهچي وئي، نينگري جي ڀاءُ منير بهلڪاڻي چيو آهي ته هٿياربند دٻاءَ ۾ اچي نينگري کي رستي تي ڇڏي فرار ٿي ويا، ڀيڻ کي موٽرسائيڪل سوار نامعلوم شخص نشو ڏئي کڻي ويا هئا، معصوم ڀيڻ کي هٿياربندن سڄي رات رسن سان ٻڌي ڇڏيو، ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو.