
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس سبب ملتوي ٿيل پاڪستان سُپر ليگ جي رهيل ميچز جو شيڊيول جاري ڪيو ويو. پي سي بي موجب 14، 15 ۽ 17 نومبر تي لاهور ۾ پي ايس ايل جون رهيل ميچز ٿينديون. پهريون دنگل ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز ۾ ٿيندو، پشاور ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ ايليمنيٽر شيڊيول آهي.