
ڪوٽڏيجي ( ن پ ا) ڳوٺ ڄاڃي ٻرڙا واسين جو ٽريڪٽر ٽرالي سان ميرواھ ڪينال لڳ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت 2 زخمي ٿي پيا. 18ورهين جو احسان شاهه فوت ۽ ببلو شاھ، ديدار شاھ سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو. حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.