تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

صفدر جي گرفتاري:سنڌ سرڪار طرفان جاچ ڪميٽي جو اعلان

ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي جهڙي نموني گرفتار ڪيو ويو، اُن تي خدشا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي جهڙي نموني گرفتار ڪيو ويو، اُن تي خدشا آهن، وڏي وزير طرفان ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي جي جاچ لاءِ وزارتي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪميٽي ۾ 3 کان 5 وزير شامل هوندا، ڪميٽي سمورن ماڻهن کان جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪندي، ڪميٽي مون کي به گهرايو ته پيش ٿيندس، ڪميٽي جي سفارشن تحت سنڌ سرڪار وڌيڪ ڪارروائي ڪندي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ناپاڪ مقصد لاءِ مزارِ قائد کي استعمال ڪيو، معاملي جي تهه تائين وينداسين ۽ ڪنهن کي نه ڇڏينداسين.

Bookmark the permalink.