خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا)خيرپورناٿن شاھ جي مختلف ڳوٺن جي معذور گونگن ٻوڙن جو صفدر گاڏھي، وحيد گاڏھي، محمد بچل کوسو، اعجاز علي شيخ، محمد سليم چانڊيو سهيل احمد گاڏھي ۽ ٻين امداد جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن لکت ۾ چيو ته اسين مسڪين غريب معذور ماڻھون آھيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن لاڪ ڊائون ۾ اسان جا نالا احساس ڪفالت پروگرام ۾ شامل نه ڪيا ويا آھن جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي ۽ ظلم آھي، هنن چيو ته هن مهانگائي دور ۾ اسان ۽ اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون ۽ فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون هنن لکت ۾ اهو به چيو ته لاڪ ڊائون سبب اسان بيروزگار ٿي گهر ويٺا آھيون کائڻ لاءِ ڪجھه به ڪونهي ٻچا ويلي لاءِ پريشان آھن هنن چيو ته احساس ڪفالت پروگرام ۾ نالا شامل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسين ٻارڙن ٻچن سميت بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…