تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

ڪي جي بي اليون سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

نوشھروفيروز (اسپورٽس نيوز) نوشهرو فيروز جي شهر مٺياڻيءَ لڳ ڳوٺ ڪوڙيجا ڀاڻ ۾  ڪي جي بي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو 6 هون سيزن جاري آهي، جنهن ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ ۾ اڄ آرگنائيزرس ٽيم ڪي جي بي جي ڪپتان عبدالرحيم سولنگي جي نگراني ھيٺ خان صاحب علي نواز جي ٽيم سان ميچ ٿيو، جنهن ۾ خان صاحب جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 108 رنسن جو هدف ڏنو، ڪي جي بي ٽيم 7 اوورن ۾ هدف پورو ڪري خان صاحب علي نواز اليون کي شڪست ڏني، ميچ دوران ڪي جي بي اليون جي رضوان شيخ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 60 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو، کيس مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، مسعود سولنگي بھترين بالنگ ڪرائي جنهن کي مين آف دي سيريز ڏنو ويو، ان فتح سان گڏ آرگنائيزر ٽيم سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.