تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

گلوسيال سپر ليگ 3 جو دنگل پڄاڻي تي پهتو، لعل ڪنڀر اليون ڪامياب

رپڙي (ن پ ا)رپڙي ڀرسان گلوسيال ۾ گلوسيال سپر ليگ 3 جو دنگل پڄاڻي تي پهتو، لعل ڪنڀر اليون ڪامياب، ان ڏس ۾ گلوسيال سپر ليگ سيزن 3 جو دنگل پڄاڻي تي پهتو، ايونٽ ۾ 10 ٽيمن حصو ورتو. رپڙي اليون ۽ لعل ڪنڀر اليون فائنل کيڏيو، رپڙي اليون ٽاس کٽي ڪنڀر اليون کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، لعل ڪنڀر اليون مقرر 10 اوورن ۾ 6وڪيٽن جي نقصان تي صرف 99 رنز اسڪور ڪري سگهي ۽ رپڙي اليون کي کٽڻ لاءِ 100 رنز جو حدف ڏنو. جواب ۾ رپڙي اليون صرف 75 رنز اسڪور سگهي. اھڙي ريت ڪنڀر اليون ھي فيصلائتي ميچ کٽي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.