
اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو، گلگت ۾ احتجاج ڪيو ويو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به شرڪت ڪئي. احتجاج کي خطاب ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ رات جَي پَيٽ ۾ نتيجا تبديل ڪري پيپلزپارٽي کي هارايو ويو، اسان ڪنهن کي به من پسند جماعت کي کٽرائڻ جِي اجازت نه ڏينداسين، بلاول چيو ته اسان کي جذباتي فيصلا ڪرڻ ۽ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، چوري ڪيل سيٽون واپس نه ڪيون ويون ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين، هاڻي گلگت بلتستان سميت هر هنڌ احتجاج ٿيندو، گلگت بلتستان کي ڪٺ پتلين ۽ سليڪٽيڊ حوالي نه ڪنداسين…….